اسرائيل جي دهشتگردي ۽ فلسطينين جي مزاحمت!

0
539

ستن ڏينهن کان دنيا جي سوئر طاقت غزا ۽ مغربي ڪناري مٿان حملا آور آهي، دنيا جي 195 ملڪن مان ڪو به اسرائيل جو هٿ روڪڻ وارو ناهي. روڪڻ جنهن جي ذميواري آهي اهو ادارو اسرائيل جي سرپرستن جو خرچ کائيندڙ آهي، انهي ڪري اسرائيل بنا ڌڙڪ فلسطين ڊاهي رهيو آهي، فلسطينين کي ماري رهيو آهي. مرڻ وارن ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت هڪ سؤ ٽيهارو ماڻهو شامل آهن، باقين کي به مرڻ لاءِ بي يار ۽ مدد گار ڇڏيو ويو آهي، جو بچائڻ ۾ اهي سنجيده ناهن جن وٽ طاقت ۽ وسيلا آهن. بچائڻ تي پون ته هڪ نه، هزار حيلا آهن، پر ان لاءِ ٿوري انسانيت کپندي آهي، جيڪا ٿوري به انهن ۾ ناهي جيڪي سلامتي جي ڪائونسل تي قابض آهن.
طئه ڪري ڇڏيو اٿن ته مسلمان تعارف واري مخلوق انسانن ۾ شمار نه ٿيندي، جيئڻ ۾ سندن مدد نه ٿيندي، مرڻ مهل مداخلت نه ٿيندي، بنيادي حقن ۾ هنن جو حصو نه هوندو، انساني همدردي سندن حصي ۾ نه ايندي! تدارڪ نالي ڪجھه به نه ٿيندو، هڪ مڪمل بائيڪاٽ رهندو. بظاهر ان جو اعتراف به نه ڪبو، پر سچ پچ ۾ ساڻن ساٿ نه ڏبو، ڪوششون ڪبيون پر ڪوششن ۾ دم نه هوندو. زباني ڳالھيون گهڻيون ڪبيون، عملي قدم کڻن کان ڪيٻائبو. ڪو “ها” پيو ڪندو، ڪو “نه” پيو ڪندو. بين الاقوامي فورمن تي هنن جا معاملا رولي ڇڏبا، عالمي عدالت ۾ ڪيس اٽڪائي رکبا، معاملا لڙڪائي ڇڏبا…
اهو طئه نه هجي ها ته فلسطين هن ڌرتي جو ڦٽ نه هجي ها، ڪشمير جو مسئلو ڪَڏهوڪو حل ٿي چڪو هجي ها. اهڙو ڪجھه نه هجي ها جنهن کي ناانصافي چئجي ٿو. اها ٻيائي نه هجي ها ته عراق، افغانستان، لبيا، شام تي بهاني بهاني سان حملا نه ٿين ها. عرب دنيا، مسلم ملڪن تي اهڙا شخص حڪمران نه ٿين ها، جن کي ڀاڙيو ڪوٺڻ کانسواءِ ڪو لفظ نٿو سُجهي!
فلسطيني مزاحمتي تحريڪ اسرائيل جي ظلم جي ڪائونٽر پراڊڪشن آهي، فلسطين جي آزادي واري تحريڪ ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهي آهي، فلسطين جو ٻار ٻار تحريڪ جو سپاهي بڻجي رهيو آهي. گهر گهر مان ڀاتي نڪري پيو آ ۽ مزاحمت ڪندڙن سان اهو سوچي گڏ اچي بيهي رهيو آهي ته مرڻو هونئن به آ تنهن کان ويرين سان وڙهندي مرجي. بهادر جا ڳُڻ ڳائڻ به بهادري هوندي آهي ۽ مظلوم جو درد ڳائڻ به درد ۾ شرڪت هوندي آهي. مظلوم جيڪو بهادر هجي ته ان کي نيڻ نمائي سلامي ڏبي آهي. اهي به وڏا بهادر ٿين ٿا جيڪي پاڻ پڄي نٿا سگهن ته ظالم جي خلاف بهادر ڳڀرو پيدا ڪن ٿا. ايئن فلسطينين جو پوڙهو نسل پنهنجو تسلسل رکيو اچي، نئون نسل اها ريت روا رکيو اچي.
اسرائيل جو فلسطينين مٿان بمباري تي زور هوندو آ، اسان جي دانشورن جو وري اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي زور هوندو آهي… آئون سدائين هنن کان پڇندو آهيان ته حمايت حق جي ڪبي آهي يا ناحق جي ڪبي آهي؟ وڪالت مظلوم جي ڪرڻ گهرجي يا ظالم جي ڪجي؟ اصول ڇا کي چئبو آهي، باقي نظريو ڪهڙي شئي جونالو آهي؟ کليل جارحيت کي نظرانداز ڪري سڀني انساني حقن جي تنظيمن جي سفارشن کي رد ڪري، عالمي ضمير جي اپيلن کي ٿڏي، انساني حقن جي گروپن جي رپورٽن کي پاسي اڇلائي، گڏيل قومن جي جاچ رپورٽن کي ڇڏي، عالمي طاقتن جي طرفداري تان نظر ڦيرائي باقي ڪهڙو اخلاقي جواز بچي ٿو، جيڪو اسان کان اسرائيل جي وڪالت ڪرائيندو آهي؟
اسرائيل جنهن جا ظلم ماضيءَ جي مقابلي ۾ ٻيڻا نه پر ڏهوڻا آهن، جنهن جي ظلمن تي جاچ جون سوين رپورٽون هن کي ڏوهاري قرار ڏين ٿيون. جنهن جي خلاف جنگي ڏوهن تي انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ (ICC) ۾ ڪيس هلندڙ آهن ۽ آمريڪا عالمي عدالت کي ڌمڪيون ڏئي روڪي رهيو آهي. اقوام متحده جو انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جو دفتر (O H C H R)
Office of the High commissioner for human Rights
ڪيئي اهڙيون رپورٽون ڏئي چڪو آهي جنهن ۾ اسرائيل کي ننگي جارحيت جو جوابدار قرار ڏنو ويو آهي. پر پڪ اهي ته پوءِ به اسرائيل کي ڪجھه نه ٿيندو، ان جي سربراهه کي جنگي ڏوهن تي سزا نه ايندي، ان ڪري نه ايندي جو هو فلسطيني ٿو ماري ۽ فلسطيني مسلمان آهن.
دنيا ۾ اهڙو ڪوبه ميڪنزم ڪونهي جو لکين ماڻهو مارڻ وارن ملڪن جي سربراهن ۽ فوجي جنرلن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سگهجي. ظلم جو ازالو ڪري ۽ قاتلن کي سزا ڏئي سگهجي. وائڙي دنيا لاءِ اها ئي وڏي ڳالهه آهي ته قاتلن جي ٿڪجي پوڻ تي سندن ٿورا مڃي! ضمير جي آواز تي ڪنهن به ملڪ جنگ مان هٿ ناهي ڪڍيو، مارڻ به مُشقت جو ڪم آهي، بدن چُور ۽ هٿ سُورَ ڪندا اٿن، تڏهن ڪڍندا آهن جنگ مان هٿ! اسرائيل به جڏهن فلسطينين کي ماريندي ماريندي پاڻ ٿڪجي پوي! ڪي ملڪ ۽ سندن سرپرست ڏاڍا ظالم آهن، اهڙن جي ور چڙهي هي دنيا ڏاڍو تباهه ٿي آهي، هنن جي طاقت کي ڪو چيلينج ناهي. ان مان لڳي ٿو ته هيءَ انسانيت هنن جي هٿان اڃا مرندي!
ماڻهو، مطلب ۽ مصلحت جو شڪار ٿي ويندا آهن، انهن کان وڌيڪ ادارن جي ناڪامي هڪ وڏو نقصان هوندو آهي. اقوام متحده جيڪو دنيا جي مڙني ادارن جو ابو آهي، انسانيت جي بقا ۽ حفاظت اڃا تائين انهيءَ جي ذمي آهي، انهي اقوام متحده فلسطين سان ٿيندڙ ظلم تي اسرائيل خلاف انصاف وٽان قدم نه کڻي ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو، پنهنجو جواز وڃايو آهي. هن جي سُستي هن کي بي مقصد ۽ بيڪار ٿي ثابت ڪري. طاقتن جي طرفداري هن جي ڪمزوري آهي، جيئن ڪنهن ڳوٺ ۾ وڏيري جي واٺي کي بيهودگيءَ جي ڪا سزا ناهي ملندي، ايئن عالمي وڏيرن جي دلبر اسرائيل کي ڪوئي چوڻ وارو ناهي. هن جي رياستي دهشت نالي ماتر فلسطيني اٿارٽي جون سرحدون ته لتاڙي ٿي پر انسان به اُڦٽ ماري ٿي. اصولي طور اهڙي ڪنهن به ڇنائي ويل ڍڳي کي رسو وجهڻ لاءِ گڏيل قومن جو ادارو ٺاهيو ويو هو. هن جي فرضن ۾ اهو رکيو ويو ته هو ڪنهن کي به انسانيت خلاف اڳرائي ڪرڻ نه ڏيندو، اڳرائي ڪندڙ کي ان جي سزا ملندي. مرندڙ انسانيت جي مدد پوري دنيا کي انهيءَ معاهدي سان ڪرڻي آهي، پر طاقت کي ڪا تميز ڪانهي، جيڪا طاقت اڳ جاپان ۾ ايٽم بم ڪيرائي انسانيت ماري چڪي هئي، ان پوءِ ايترا ئي انسان انهيءَ اداري جي مدد سان عراق ۽ افغانستان ۾ ماريا آهن. اڄ ان کي هو پنهنجي غلط فهمي مڃين ٿا پر پنهنجي لاءِ ڪا سزا به تجويز نٿا ڪن. حقيقي طور انسانن کي ۽ اُصولي طور اقوام متحده کي ماري چڪا آهن. ان ڪري اهو ادارو ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.
ٻٽي معيار ۾ رياستن جو ٻوٽو گارُ، عالمي ادارن جو اتي سج لٿل، باقي بچي ٿو انفرادي ضمير، جنهن کي جيترو آهي ان جي اوتري آزمائش آهي. دنيا جي قومن تي فلسطين ۽ ڪشمير جو قرض آهي، اخلاق جي ڳالھه ڪرڻ وارن تي اخلاقي قرض، انسانيت جي ڳالھه ڪرڻ وارن تي انسانيت وارو، سياست کي اهميت ڏيڻ وارن تي سياسي حمايت جو، آزاد قومن تي آزادي جي جدوجهد ڪندڙن جو قرض آهي. وڙهي آزادي وٺندڙن تي اها ويڙھ ڪرڻ وارن جو قرض آهي. ساري دنيا فلسطينين جي قرضي آ… وڏين طاقتن ۽ انهن جي نوڪري ڪندڙ يو اين جي ته وجود مٿان سوال آهي. فلسطين دنيا جي چهري تي داغ نه بلڪه ڦٽ آهي، جيڪو ملم رکي ڇٽائڻ دنيا تي واجب ٿي پيو آهي.
ڪا پڪ ڪونهي ته سيڪيورٽي ڪائونسل ڪجهه اهڙو ڪندي جنهن کي مسئلي جو حل ڪوٺي سگهجي، توقع ته ايتري به ڪونهي ته سلامتي ڪائونسل ڪا جنگ بندي ڪرائيندي، پر جي ڪرائيندي ته ويڙھ ۾ ڄڻ وقفو ڪرائيندي. گڏيل قومن جي اها ڪائونسل دنيا جو گڏيل ضمير سڏبي آهي، جيڪو ٻي مها ڀاري جنگ کانپوءِ جاڳيو هو ته اڌ دنيا مري چڪي آهي، باقي اڌ دنيا کي بچائجي. بچائڻ جي ذميواري خود مارڻ ۽ مارائڻ وارن پاڻ تي کنئي هئي، انهيءَ ڪري اهڙن جي هٿان ڪي جيئن ٿا ڪي مرن ٿا. مطلب وارن جي مطلب سان ڪي قومون مرن ٿيون ته ڪي جيئن ٿيون. اهو اُصول سان طئه نٿو ٿئي، مصلحت سان طئه ٿئي ٿو. اها مصلحت هئي ته انڊونيشيا کان ايسٽ تيمور الڳ ٿي وڃي سو الڳ ٿي ويو، اها انهن جي جهڙوڪ مرضي ئي آهي ته اسرائيل جو والاريل فلسطين ۽ هندستان جو والاريل ڪشمير مُني صديءَ تائين به آزاد نه ٿين، انهن رياستن جو رياستي ظلم ۽ جبر اقوام متحده جي مٿان اڳ سوال هو، پوءِ ميار بڻيو ۽ هاڻي مذمت طور موجود آهي.