ميرپورساڪرو/ ٻهارا (ن پ ا) مختيارڪار ميرپورساڪرو گذريل ڏينهن تعلقي جي مختلف شهرن جا اوچتا دورا ڪري ريٽ لسٽن کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ واپارين کان ڏنڊ وصول ڪيو. خبر موجب مختيارڪار ميرپور ساڪرو احمد ميمڻ ڪالهه ميرپورساڪري ۽ ٻهارا جو اوچتو دورو ڪيو. ان موقعي تي ريٽ لسٽن تحت شيون وڪرو نه ڪندڙ واپارين تي ڏنڊ وجهي موقعي تي ئي وصولي ڪئي وئي. ساڳئي وقت واپارين کي پابند ڪيو ويو ته جيڪڏهن آئنده ڪنهن واپاري اضافي اگهه وصول ڪيا ته سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ مهانگائي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.