سامارو (ن پ ا) سامارو لڳ راھو آباد ڀرسان ڳوٺ حاجي بنده علي راھو جو رھواسي انٽر ڪلاس جو شاگرد ميڪينڪ جو ڪم ڪندڙ 19سالن جو رميش ڪمار پٽ لالو ڪولھي ناصر موڙ اسٽاپ  تي ميڪينڪ جي دڪان ۾ پاڻي واري ٺاھڻ دوران موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي بيھوش ٿي ويو ،جنھن کي وارثن موقعي تان ئي کڻائي ميرپوخاص سول اسپتال پھچايو جتي ھو فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنھن بعد وارث فوتي نوجوان رميش جو لاش واپس کڻائي سامارو لڳ راھو آباد ڀرسان ڳوٺ حاجي بنده علي راھو ۾ گھر پھتا ته گھر ۾ ڪُھرا۾ مچي ويو.