سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين  ۽ وائيس چيئرمين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

0
171
سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين  ۽ وائيس چيئرمين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو
سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين  ۽ وائيس چيئرمين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

 سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين  ۽ وائيس چيئرمين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي

خصوصي عدالت جي جج اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، گذريل ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اڄ  جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي، اڄوڪي ٻڌڻيءَ تي به پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشيءَ تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

عدالت فرد جرم  جي ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تي مقرر ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت چيو ته عدالت کي ٻڌايو ته چالان جون ڪاپيون ملڻ بنا فرد جرم لاڳو نه ٿو ٿي سگهي

وڪيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي پڃري نما ڪمري ۾ رکيو ويو آهي، سندس حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، هن کي 9  مئي جي واقعن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين  جي ملٽري ڪورٽ  ٽرائل جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جيل اندر ٻڌڻي کي ٻيهر عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ پيا وڃون

هن کي به پڙهندا

ڪرپشن ڪيس: پرويز الاهي ۽ مونس الاهي خلاف نيب ريفرنس تيار