ٽنڊو ڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي آفيسرس ايسوسيئيشن جي جنرل باڊي جو اجلاس اڳوڻي نائب صدر احمد خان منگي، جنرل سيڪريٽري جواد حسين شاه جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سوشلسٽ فورم جي اڳواڻ منظور علي مگسي، فقير محمد ڍول، اشفاق ٻٻر، ڊاڪٽر فيصل انصاري، فرينڊز گروپ اڳواڻ انوار حسين خانزادو، منظور لاکير، شوڪت سانگي، يونائيٽڊ گروپ جي اڳواڻ شھمير لوچي، رياض سومرو، اعجاز ميمڻ سميت يونيورسٽي سان لاڳاپيل خيرپور، عمرڪوٽ ڪئمپس جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ٽه رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي. جنھن ۾ احمد خان منگي چيئرمين، ظفر ڀٽو ۽ شھاب ڀٽي ميمبر مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڪثريت راءِ سان رياست ڪٻر، اشرف رستماڻي ۽ ٻين پاران آفيسرن جي جوڙيل جعلي باڊي کي رد ڪيو ويو. فيصلو ڪيو ويو تہ وائيس چانسلر، اڪائونٽ برانچ ۽ بينڪ انتظاميا کي لکت ۾ ڏنو ويندو ته رياست ڪٻر پاران آفيسرن ايسوسيئيشن جي نالي تي جوڙيل باڊي کي اھميت نه ڏني وڃي. جڏھن تہ اجلاس کي خطاب ڪندي آفيسرس اڳواڻن چيو ته ھٿ ٺوڪيا عھديدار يونيورسٽي جي آفيسرن ۾ اڳ پنھنجي ساک وڃائي چڪا آھن. اڳوڻي رجسٽرار رياست ڪٻر وقتي طور ٿيل رجسٽرار واري دور ۾ پنهنجو پٽ 18 اسڪيل ۾ ڪچي پراجيڪٽ ۾ مقرر ڪيو هو، جنهن جي سيڪشن ختم ٿي چڪي آهي، وائيس چانسلر مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ پريشر گروپ قائم ڪيو ويو آهي ته جئين پنهنجي پٽ جي نوڪري پڪي ٿي سگهي، ووٽ نه ملڻ ۽ شڪست جي خوف کان رات جي پيٽ ۾ بنا اليڪشن جي جعلي باڊي جوڙي وئي.