رپڙي (ن پ ا) رپڙي ۾ڳوٺ مالھي سھتا جي پيرسن شهباز ڏنو سهتو، عورتن رضوانا خاتون، ڄامل خاتون ٻارڙن عاشق علي ۽ معشوق سهتو احتجاج ڪندي چيو ته بااثر ميول سهتو، ملوڪ، الله ڏنو ۽ حضور بخش سهتو 18 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهيون ۽ تيار ٿيل فصل پڻ زبردستي کڻي ويا جنھن جون حد جي پوليس کي شڪايتون ڪيون آھن، ڪو به تدارڪ ناھي ٿيو.