رپڙي (ن پ ا)ڳوٺ مجھد واسي رٽائرڊ پوليس اھلڪار برڪت علي کوکر شادي تقريب تان واپس ڳوٺ اچي رھيو ھو ته لاڙڪاڻو خيرپور باءِ پاس تي حنيف شاھ اسٽاپ وٽ کيس دل جو دورو پئجي ويو، موٽرسائيڪل بيھاري ھڪ الٽي ڪيائين ته فوت ٿي ويو، اسٽاپ تي بيٺل ماڻهن سڃاڻپ ڪري سندس وارثن کي اطلاع ڪيو، جيڪي سندس لاش گهر کڻي ويا، اوچتو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.