رپڙي (رپورٽ: خواجه نياز محمد) رپڙي واسي نينگر ڪراچيءَ مان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر، واقعي جو ڪيس داخل، پوليس ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي پڇاڳاڇا شروع ڪري ڇڏي.  تفصيل مطابق رپڙي واسي 14 سالن جو نينگر عبدالصمد عرف سرفراز پنھور 5 ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي بلال ڪالونيءَ مان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو. ان ڏس ۾ نينگر جي پيءُ نياز حسين پنھور جو چوڻ هو ته جمعي جي ڏينهن نينگر پاڙي جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ويو ته واپس نه موٽيو، ڪافي ڳولا باوجود نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. نينگر بنگالي پاڙي ۾ ھوٽل تي مزدوري ڪندو هو، مون کي شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي شريف آباد ٿاڻي تي چئن ڄڻن ڪامران، عرفان بليدي، سجاد علي ۽ مرتضيٰ شاهه عرف ڪليم الله خلاف داخل ڪرايو ويو آهي. جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ھن مطالبو ڪيو ته نينگر کي جلد بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.