ريل جي انجڻ سان پوڙهي جي محبت ؟

0
122

سئو سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ھڪ پوڙھو روزانو ٽرين کي ڏسڻ جي لاءِ پٽڙيءَ تي ويندو ھيو ان کان ماڻهن پڇيو توهان ھتي ڇو ٿا اچو انهي چيو ته مونکي ٽرين جي انجڻ سان محبت ٿي وئي آهي انهن پڇيس ته ڇو محبت ٿي آهي؟ پوڙهي چيو ته ھن جا 5 سبب آهن، پهريون سبب ته انجڻ ٽرين کي منزل تائين وٺي ويندي آهي ٻيو سبب ته ٽرين آخري دٻي کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندي آهي ٽيون سبب اهو آهي ته انجڻ جي باھه پاڻ کائيندي آهي دٻن کي کائڻ ناھي ڏيندي، چوٿون سبب اهو آهي ته صراط مستقيم يعني سڌي رستي تي ھلندي آھي پنجون سبب اهو آهي ته انجڻ دٻن جي محتاج ناهي ھوندي بلڪه دٻا ان جا محتاج ھوندا آھن، ھن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو انجڻ جي طرح آھن ته ڪجهه دٻن جي طرح، ھر ڪو انجڻ نٿو بڻجي سگهي، ليڪن جيڪي انجڻ بڻجي وڃن ته انهن کي گهرجي ته دٻن کي پاڻ سان گڏ کڻي ڪري ھلن. (فرمان جمالي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)