ڪراچي (م ڊ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪشمير فروشي بابت اسان جي دعوائن کي صحيح ثابت ڪري ڇڏيو، ريفرنڊم جي ڳالهه گڏيل قومن جي تاريخي ٺهرائن ۽ موقف جي خلاف آهي، عمران خان جو موقف 7 نقاطي ايجنڊا جو حصو آهي جنهن جي شروعات مشرف ڪئي هئي. پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل صرف گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت چاهيون ٿا.