رياست جي ڪهڙي بقا هجي؟

0
209
عمران خان جي سياسي امتحان جي پرک

رياست جي بقا  جي سوال يا نقطي تي پوري دنيا جون حڪومتون متفق آهن ڀلي انهن جو سياسي نظام حڪومتي شڪل ۽ جوڙجڪ ڪهڙي به هجي، ڀلي اهي جمهوريت جي صورت ۾ هجن يا آمريت جي شڪل ۾، فلاحيت جو نظام رکندڙ هجن يا سوشلزم جو، بادشاھه جي صورت ۾ هجن يا فوجي آمريت جي مٺ ۾ بند هجن يا هو ٿيوڪريٽ هجن پر سڀني جو ان نقطي تي متفق هجڻ فطري هوندو آهي ته انهن سڀني جو مقصد رياست کي بچائڻ ان جو بنياد هوندو آهي پر انهن سڀني ۾ جيڪو اختلاف ۽ تضاد هجي ٿو اهو هي رهيو آهي ته رياست جو مفاد ڪنهن جي لاءِ ۽ رياست جي طاقت ڪهڙي مقصد جي لاءِ استعمال ڪجي؟ رياستي مفاد ۽ ان جي طاقت جو استعمال اهي ٻئي عنصر گڏجي ڪري رياست جي شڪل نه رڳو تشڪيل ڪن ٿا پر انهيءَ سان گڏوگڏ رياست جي ڪردار جو به تعين ڪن ٿا ۽ رياست جو اهوئي ڪردار رياست جي بقا ۽ ان جي تضادن ۾ گھٽتائي واڌاري جو بنياد بڻجي ٿو.

بلاشڪ جمهوريت جو بنيادي مقصد عوام جي اقتدار اعليٰ جي نظريي سان جڙيل آهي پر حڪومتي ڪردار ۽ طريقيڪار مختلف تضادن کي اڀاري جمهوريت جي انهيءَ روح کي عوام کان پاسيرو ڪري صرف ۽ صرف اقتداري سرشتي کي مضبوط ڪرڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ويندي آهي ڇو ته جمهوريت هڪ اهڙو طريقيڪار آهي جنهن سان حڪومتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. جمهوريت کان سواءِ باقي جيڪي به نظامِ حڪومت جا سلسلا بيان ڪيا ويا آهن انهن سڀنيءَ جي هڪ ئي صورت يعني تسلسل سان هڪڙي ئي گروھه جي بالادستي ۽ حڪومت هجي ٿي، جيستائين انهيءَ جي خلاف ڪا بغاوت نه ٿئي.

عوامي بغاوتون انهن حڪومتن کي مٽائي جمهوريت کي رائج ڪنديون آهن پر گروهي بغاوتون حڪمرانيءَ جي شڪلن کي بدلائيندي باقي نظام ٿوري گھڻي فرق يا هيٺ مٿانهين سان ساڳيو ئي رهندو تنهن ڪري طرز حڪومت جي حڪمت ۽ چالاڪين جو سڀ کان وڏو ڏيک جمهوريت ۾ نظر ايندو آهي. جمهوريت کي ئي سياست جي آرٽ سان ملائي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اسان کي باربار هي جملو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته سياست پنهنجي فڪري بنيادن تي ته سائنس آهي پر عمل ۾ اها آرٽ بڻجي ٿي وڃي ۽ اها تشريح ٻين نظام حڪومتن تي گھٽ پر جمهوري حڪومتن تي وڌيڪ ظاهر ۽ نظر ايندي يا لاڳو هجي ٿي. ٽين دنيا جي غريب ملڪن ۾ جتي عوام پنهنجي حق حاڪميت جي شعور کان ڪمزور آهي يا عوام سياسي عمل ۾ ڪردار ادا گھٽ ٿو ڪري اتي جمهوريت مختلف تضادن ۽ ٽڪرائن ۾ ورهايل رهي ٿي.

 پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ته رولنگ ڪلاس جون ڌريون جيڪي گروهي طاقت رکن ٿيون يا رياستي طاقت انهن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان مليل آهي اهي پوري حڪمتِ عملي سان عوام ۾ اهڙا تضاد ۽ اختلاف پيدا ڪندا آهن جن سان عوام جي حق حاڪميت جو تصور ڪمزور هجي پر ٽڪرائن جي جنونيت طاقتور کان طاقتور انداز ۾ رهندي اچي. اهائي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته رياست جي شڪل ته جمهوريت جي نظر اچي پر حڪومت جو فائدو عوام کي ملڻ جي بجاءِ رياست جي وسيلن تي قابض گروھه پاڻ ۾ ونڊ ورڇ ڪري کڻندو رهي.

اهڙي رياست جي بقا هميشه ڪمزور ۽ نٻل رهندي آهي، هو عالمي ادارن يعني مالياتي ادارن وٽ پوري رياست کي گروي ڪندا ويندا آهن جنهن کي سياسي اصطلاح ۾ جديد نو آباديت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهي عالمي ادارا پنهنجي قرضن جي ڄار کي هر دفعي طاقتور کان طاقتور انداز ۾ اڻندا ويندا آهن ۽ پوءِ پنهنجا سياسي مقصد عالمي سامراجي مفادن سان جوڙي ان معاشي غلامي ۾ جڪڙيل ملڪ جي رڳو وسيلن جو استحصال ناهن ڪندا پر انهي سان گڏوگڏ رياست جي ادارن کي به ڪرائي جي گروهن وانگر هلائيندا ۽ استعمال ڪندا آهن ۽ اهڙي رياست جي بقا هميشه سامراجي مفادن سان جڙندي برقرار رهندي آهي.

اهڙي رياست جي اندر انهيءَ پوري نظام کي قائم رکڻ لاءِ ٻيو هٿيار سياست جو استعمال ڪيو ويندو آهي. سياست جي ان هٿيار کي سامراجي مفادن جا چوڪيدار گروھه وڏي چلاڪي ۽ چابڪ دستيءَ سان وڌائيندا ۽ طاقتور ڪندا آهن جن ۾ وڏي کان وڏو طاقتور هٿيار عقيدن جو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ عقيدن کان پوءِ ٻيو هٿيار نصيحت ۽ قوميت جو استعمال ڪيو ويندو آهي. انهي ٻنهي هٿيارن  جي استعمال سان مٺِ جيترا گروھه طاقتور تحريڪون هلائي پنهنجي طاقت کي مقناطيسي انداز سان اڳتي وڌائيندي عوام جي ڪمزور پرتن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪندا آهن.

عقيدن جا تضاد ۽ سياست طاقت جا هٿيار تحريڪن جو اميج وڌيڪ خوفناڪ صورتحال کي جنم ڏيندو آهي جنهن سان جمهوريت جي تشڪيل امن ۽ معيشت کان ڪٽجي صرف ۽ صرف ٽڪرائن جو شڪار ٿي ويندي آهي ۽ انهن ٽڪرائن جو پورو فائدو سامراجي قوتون ۽ انهن جا گروھه حاصل ڪندا آهن. سامراجي طاقتون گروهي اڳواڻن کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ حد کان وڌيڪ سهولتون ڏيندي سندن خاندان کي شهريت ڏئي هڪ اهڙي انداز سان جوڙينديون آهن جو اهي فرد پنهنجي ملڪ جي بجاءِ سوچڻ جي خانداني ترقي جي تصور ۾ جڙي جديد دور جا نائو مل ۽ مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ اهو سڄو سلسلو هڪ خوفناڪ صورتحال کي جنم ڏيندو آهي ۽ پوءِ هي ته دنيا جا سيڙپڪار ان ملڪ ۾ پنهنجي معاشي سيڙپ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن هوندا ۽ ملڪي صنعت يا سيڙپڪاري هر روز ڪنهن نه ڪنهن خوف ۾ پنهنجو پاڻ کي وڪوڙيل محسوس ڪندي آهي.

سماج جي اندر انارڪي بي حسي ۽ بي هودن روين کي پيدا ڪندي معاشري جي هڪ اهڙي شڪل اڳيان آندي ويندي آهي جو ان رياست جي اندر پورو سماج هڪ ڀوت بنگلو يا خوفناڪ غفا جو ڏيک ڏيڻ شروع ڪندو آهي. اهڙي رياست جي اندر صنعتي ترقي جو تصور ديواني جي خواب کان وڌيڪ ناهي هوندو. ڪڏهن به اهڙي رياست جي اندر سياحت ترقي ناهي ڪري سگھندي ثقافتي مرڪز ترقي جي بجاءِ اجڙڻ ۽ برباد ٿيڻ شروع ٿيندا آهن.ساڳئي طرح سان شهر ترقي جي بجاءِ بدحالي ۽ بدصورتيءَ جو ڏيک ڏيڻ شروع ڪندا آهن. سياسي اڳواڻ حب الوطني جي بجاءِ ذاتي دولت پسندي جي جنون ۾ مبتلا رهندي بدڪردار ۽ ڪرپٽ فردن جا ٽولا آرگنائز ڪندا آهن.

ملڪ جي بيوروڪريسي مافيائن جيان ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪندي آهي اهڙي رياست مڪمل طور تي انتشار جو منظر اڀاريندي رهندي آهي. انتشار جي ان بيماريءَ ۾ مبتلا رياست ڪڏهن به عوام جي لاءِ  انصاف ۽ قانون جي رٽِ بحال ناهي ڪندي. انصاف ۽ قانون پنهنجي رٽِ جي سوال سان يتيم ٻارن جيان دربدر ٿيندي نظر ايندا آهن. رياست جو پورو انفرا اسٽرڪچر برباد ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، ڪو به ادارو عوام کي سروس ڏيڻ جو ڪردار ادا ناهي ڪندو.

تعليم، صحت، صفائي، امن يا خوشحالي سڀ جو سڀ بيماريءَ جي بستري تي موت جو انتظار ڪندي نظر ايندا آهن. انهن رياستن ۾ هڪ وڏو ڀيانڪ نقصان هي ٿيندو آهي ته باشعور عالم دانشور سائنسدان تخليقي ذهن مايوسين ۽ فرسٽريشن جو شڪار ٿي ويڳاڻپ جي ور چڙي ويندا يا پنهنجي وطن کي خير آباد چئي ٻاهرين دنيا ۾ وڃي پنهنجي صلاحيتن جو فائدو انهن کي ڏيندا آهن جيڪي کين جياپي جون ضمانتون ڏيندڙ ملڪ ۽ رياستون آهن.

 هن وقت پاڻ ڪهڙي صورتحال مان گذرون پيا انهيءَ جو جواب ته اسان کي آسانيءَ سان سمجهھ ۾ اچي ويندو پر ٽين دنيا جا اڪثر ملڪ ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي خطا انهيءَ ڪوڙ ۾ وڪوڙيل نظر اچن پيا تڏهن هي سوال وري وري اڳيان اچي پيو ته رياست جي بقا ته آهي پر اها بقا ڪنهن جي لاءِ؟رياست عوام جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا پئي ڪري ۽ رياست جي عوام دوست ڪردار کي يا جمهوري صورت کي ڪهڙي طريقي سان بگاڙيندي، ڪيترو الجھائي عوام کي نپوڙيو ٿو وڃي ۽ پوءِ استحصال ڪيو ٿو وڃي .