روهڙي (ن پ ا) پوليس پاران جي يو آءِ ڪارڪنن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو، دبر ٿاڻي آڏو ڌرڻو، پوليس خلاف نعريبازي. ڪئي وئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ جي يو آءِ سکر جي ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ عبدالحميد  مهر، ايڊووڪيٽ سڪندر علي جوڻيجي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي بلدياتي چونڊن ۾ شڪست ڏسي پوليس ذريعي انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي. اميدوارن کي پيپلزپارٽي جي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ ايس ايچ او دبر علاو الدين ڦلپوٽو ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او دبر علاو الدين ڦلپوٽو کي ضلع بدر ڪيو وڃي ۽ جي يو آءِ اميدوارن کي تنگ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻِي صورت ۾ ايس ايس پي سکر آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.