لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جو اهم اجلاس اتحاد جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جي صدارت هيٺ ڪوٽ داراب وليد ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سينيئر نائب صدر سردار امير بخش خان ڀٽو، ايم پي اي معظم علي عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود سومرو، عادل الطاف انڙ، سردار ظفر علي سانگي، محبت کهڙو، محمد علي هڪڙو ۽ ٻين  اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مڪاني چونڊن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته زرداري ليگ کي شڪست ۽ ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان هر تڪ تي مڪمل پئنل کي ميدان ۾ لاٿو ويندو ۽ جتي به اسان جا ٻه ٻه اميدوار هوندا اتي هڪ اميدوار کي هٿ کڻائي مضبوط اميدوار کي ٽڪيٽ ڏني ويندي جيئن چونڊن ۾ مخالفن کي تاريخي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي سگهجي.