رولو ڪتن جيڪو عوام جو حال ڪيو توهان ڏٺو آهي؟، عدالت جي وڪيل کي ڇنڊ

0
217
رولو ڪتن جيڪو عوام جو حال ڪيو توهان ڏٺو آهي؟، عدالت جي وڪيل کي ڇنڊ
رولو ڪتن جيڪو عوام جو حال ڪيو توهان ڏٺو آهي؟، عدالت جي وڪيل کي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ داخل درخواست تي غير سرڪاري تنظيم جي وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رولو ڪتن جي چڪڻ کي روڪڻ ۽ ويڪسين فراهم نه ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران غير سرڪاري تنظيم ڪتن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڌر بڻجڻ لاءِ نئين درخواست داخل ڪرائي ۽ تنظيم جي وڪيل نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي

ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪير آهيو ۽ درخواست ڇو داخل ڪرائي؟ وڪيل چيو ته ڪتن کي ماريو پيو وڃي، نسل ڪشي روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته رولو ڪتن جيڪو ماڻهن جو حال ڪيو آهي توهان اهو ڏٺو؟ عدالت وڪيل کي بار بار نوٽيس وٺڻ واري ڳالهه تي کيس ڇنڊ به پٽي

بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪندي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي رولو ڪتن خلاف ڪارروائي بابت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت چيو ته انهن رپورٽن جي روشني ۾ مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري سڄو معاملو ڏسندو، واضح رهي ته عدالت صوبي ۾ ڪتن جي چڪڻ جي واقعن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو