ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار رنبير ڪپور کي آن لائين سٽيبازي جي ڪيس ۾ انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ جاچ ايجنسي طلب ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا موجب رنبير ڪپور کي 6 آڪٽوبر تي طلز ڪيو آهي

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رنبير ڪپور کانسواءِ گھٽ ۾ گھٽ 15 کان 20 مشهور شخصيتون جاچ ايجنسي جي اسڪينر جي وڪڙ ۾ آهن، جن ۾ پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم، راحت فتح علي خان، نيها ڪڪڙ، ڀارتي سنگهه، علي اصغر، ٽائيگر شروف ۽ سني ليوني سوڌو ٻيون ناليواريون شخصيتون شامل آهن

مهاديو بُڪ ايپ، هڪ آنلائين سٽي بازي جو پليٽ فارم آهي جنهن جي ڀارتي پوليس ۽ جاچ ايجنسي طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته گذريل مهيني انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ جاچ ايجنسي آن لائين سٽيبازي ڪيس جي سلسلي ۾ ڀارتي 417 ڪروڙ رپيا ضبط ڪيا هئا

جاچ ايجنسي موجب ڪمپني جي پروموٽر جو واسطو ڀارت سان آهي جڏهن گيمنگ ايپ جي مرڪزي هيڊ آفيس گڏيل عرب امارتن ۾ آهي جتان اها ايپ هلائي ويندي آهي