ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مينجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته هن اڳوڻي چيئرمين رميز راجا کي عهدي تان ناهي ڪڍرايو بلڪ هن کي پاڻ حڪومت تبديل ٿيندي ئي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها. هڪ نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته جڏهن حڪومت تبديل ٿي ته مان خاموشيءَ سان ويهي ڏسي رهيو هيس، منهنجو اهو خيال هو ته راجا صاحب پاڻ استعيفيٰ ڏيندا ڇوته اها قابل عزت واري شيءِ هئي. هن چيو ته صحيح شيءِ به هئي ڇوته ان کانسواءِ نظام هلي به نه پيو سگهي، جڏهن هن استعيفيٰ نه ڏني ته پوءِ مون وٽ 2 آپشنز هئا ته يا ته مان حڪومت کي چوان ها جيئن ڪڍرايو ويندو آهي ۽ مونکي انسٽال ڪن ڇو ته آئيني طور تي جائز آهي. نجم سيٺي چيو ته ٻيو اهو هو ته راجا صاحب ٿورا وڌيڪ جهولا وٺي، ڏسي ڏٺون ته ڇا ٿو ڪري، پوءِ اهو ئي ٿيو ته هڪ مرحلو اهڙو آيو جو اهو فيصلو ٿيو ته هاڻي وڃڻ ڪو وقت اچي ويو آهي، رميز راجا پاڻ هليو وڃي ها ته بهتر هو، نجم سيٺي چيو ته عمران خان جي حڪومت ايندي ئي مان پاڻ استعيفيٰ ڏني هئي.