ڪروڙ وئڪسين ڊوز خريد ڪرڻ جو معاھدو ڪري ورتو:فيصل سلطان

0
287

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحفي ۽ خيرات ۾ ملندڙ وئڪسين تي نٿا ڀاڙي سگهون، پاڪستان ٽن ڪمپنيز کان 3 ڪروڙ وئڪسين جا ڊوز خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو آهي: صحت بابت وزير اعظم جَي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ملڪ ۾ وئڪسينيشن جو عمل جاري آهي، 1200 وئڪسينيشن سينٽرز ۾ هيل تائين 20 لک کان وڌيڪ شهرين کي وئڪسين جا ڊوز ڏنا ويا آهن، 40 سال يا اُن کان وڏي عمر جي شهرين کي وئڪسين لڳائڻ لاءِرجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي: سموري ملڪ ۾ 8 کان 16 مئي تائين سياحتي ماڳ بند ڪيا ويندا، وفاقي گهرو کاتي نئين گائيڊ لائين جاري ڪري ڇڏي، عيد جي موڪلن دوران پبلڪ پارڪس، هوٽلز ۽ شاپنگ مالز مڪمل طور بند هوندا: ريلوي اختيارين ڪراچي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ 3 ٽرينون معطل ڪري ڇڏيون، پاڪ بزنس، ڪراچي ايڪسپريس ۽ گرين لائين ٽرينن کي روڪيو ويو: اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ فعال بڻائڻ لاءِ ماهرن جو دورو، پلانٽ جلد شروع ڪرڻ جو عزم ظاهر.