ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران اڄ کان سرڪاري آفيسن، ڪاليجن ۽ بينڪن جو وقت تبديل ڪيو ويوآهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل شيڊيول ۾ڄاڻايو ويو آهي ته هاڻي روزانو سومر کان خميس ڏينهن تائين بينڪن جو وقت صبح 10 کان ٽپهري جو 4 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته منجھند جو 2 کان سوا 2 وڳي تائين روزانو نماز جو وقفو هوندو. جمعي ڏهاڙي بينڪن جو ٽائيم صبح 10 کان منجھند هڪ وڳي تائين هوندو. اهڙي طرح سنڌ حڪومت پاران پڻ سرڪاري آفيسن جو شيڊيول جاري ڪندي آگاهي ڏني وئي آهي ته رمضان مهيني ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ سميت سموريون سرڪاري آفيسون پڻ صبح 10 کان منجھند 3 وڳي تائين کليل رهنديون. جڏهن ته جمعي واري ڏينهن سرڪاري آفيسون صبح 10 کان منجھند هڪ وڳي تائين کليل رهنديون. ٻئي پاسي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين موجب ڪاليج سومر کان خميس تائين صبح 8 کان هڪ وڳي تائين کليل رهندا،