رشميڪا مندانا جعلي وڊيو: دهلي پوليس “ميٽا” کان معلومات گهري ورتي

0
64
رشميڪا مندانا جعلي وڊيو: دهلي پوليس “ميٽا” کان معلومات گهري ورتي
رشميڪا مندانا جعلي وڊيو: دهلي پوليس “ميٽا” کان معلومات گهري ورتي

نئين دهلي (شوبز نيوز) تامل فلمن جي خوبصورت اداڪاره رشميڪا مندانا جي نامناسب ٽيپ فيڪ (جعلي) وڊيو ڪيس ۾ دهلي پوليس ميٽا کان وڊيو شيئر ڪندڙ اڪائونٽ جي معلومات طلب ڪري ورتي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب دهلي پوليس رشميڪا مندانا علي وڊيو ڪيس ۾ جاچ ڪندي فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي مرڪزي ڪمپني “ميٽا” کي هڪ خط لکيو آهي، ميٽا کي لکيل خط ۾ دهلي پوليس سوشل ميڊيا تي رشميڪا مندانا جي جعلي وڊيو شيئر ڪندڙ صارفين جي معلومات گهري ورتي آهي، اهو قدم دهلي پوليس طرفان جعلي وڊيو جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ سامهون آئي آهي

ان ڪيس جي جاچ ڪندڙ هڪ آفيسر ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته “اسان ميٽا کي ان اڪائونٽ جي يو آر ايل آءِ ڊي تائين رسائي گهري آهي، جنهن اڪائونٽ تان وڊيو بڻائي وئي ۽ شيئر ڪئي وئي