رحيم يار خان پوليس جي مبينا مقابلن ۾ 3 ڏوهاري ھاف فراءِ

0
159

رائونتي (ن پ ا) رحيم يار خان پوليس مبينا مقابلي ۾ 3 ڏوهاري ھاف فرائي ڪري ڇڏيا، پوليس چيو آهي ته صادق آباد تاج چوڪ تي پوليس مقابلي ۾ هڪڙو ڏوهاري زخمي ٿي پيو

پوليس موجب جوابدار جي فائرنگ ۾ پوليس جي موبائيل کي به نقصان پهتو آهي، ڦر ڪيل موٽر سائيڪل به برآمد ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار جي سڃاڻپ عرفان عباسي طور ٿي جيڪو 16 کان وڌيڪ ڪيسن م گهربل هو

ٻئي پاسي اقبال آباد جي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪندڙ 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين سان مقابلي دوران ڏوهارين جي پهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن کي اسان گرفتار ڪري ورتو

جوابدار دار ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري وڃي رهيا هئا اطلاع ملڻ تي اقبال آباد جي پوليس پهتي مقابلو ٿي پيو، جوابدارن مٿان ڀاڳئي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ زخمين کان 3 پسٽل، ڦر ٿيل ٽريڪٽر به برآمد ٿيو ڪيو ويو آهي

 

ھي به پڙھندا

بينظير ڀٽو ورسٽي لاڙڪاڻو ۾ وي سي جي عھدي تان ڇڪتاڻ، آريجا ڪئمپس آفيسن کي تالا