راکي ساونت ويڪسين دوران گانو ڳائيندي رهي

0
285

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت ويڪسين دوران گانو ڳائيندي رهي، وڊيو وائرل ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا ۽ ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي اسٽار راکي ساونت مقامي مرڪز ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ پهتي جڏهن کيس ويڪسين لڳائي پئي وئي ته ان وقت هو پهرين خوفزدا ٿي وئي پر بعد ۾ ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ هن گانو ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو، اداڪارا ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ واري وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪري ڇڏي،وڊيو ۾ کيس ويڪسين لڳائڻ دوران گانو ڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو.