راڌڻ (ن پ ا) شاھ پنجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾ جوابدار پاران پنھنجي ماسات نوجوان ناري ريما جوکيو سان گھر اندر مبينا طور ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش، ڪپڙا ليڙون ليڙون نوجوان ناري جي دانھن تي جوابدار فرار ٿي ويو، شاھ پنجو پوليس ڪا بہ ڪاروائي نہ ڪئي‚ مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل 22 ورھين جي نوجوان ناري ريما جوکيو پاران پنھنجي والد برڪت علي جوکيو ۽ ماء مسمات سبحان خاتون سان گڏ صحافين آڏو دانھيندي چيو تہ مان گھر م اڪيلي ھئس تہ جوابدار تعليم کاتي جو ڪلارڪ عاشق جوکيو جيڪو منھنجو سڳو ماسات آھي جيڪو اسان جي گھر م داخل ٿي گھر م اڪيلي ھجڻ ڪري منھنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري مون سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ء مون دانھون ڪرڻ کان پوء جوابدار مون مٿان تشدد ڪري فرار ٿي ويو جڏھن تہ مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نوجوان ناري ريما جوکيو جي والد برڪت جوکيو ء سندس امڙ مسمات سبحان خاتون صحافين آڏو دانھيندي چيو تہ اسان غريب، مسڪين ء شريف ماڻھن سان وڏي ناجائزي ڪئی آھي، ھنن ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ء ٻين اعلیٰ اختیارین کان مطالبو ڪيو تہ واقعي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نہ تہ انصاف لاء عدالت جو در کڙڪايو ويندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي شاھپنجو ٿاڻي جي وڏي منشي ڪرم الله ٻڌايو ته الزام ھيٺ آيل ڌر اڳ ۾ ساڳي نوعيت جي دانھن کڻي آئي ھئي ڌرين کي اڄ شام جو گھرايو ويو آھي ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا عزيز آھن.