لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام جي اليڪشن جائزه ڪاميٽي جو اجلاس ضلعي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت هيٺ ٿيو،  جنهن ۾ لاڙڪاڻي توڙي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي حوالي سان سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو..  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جميعت علماءِ اسلام طرفان لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي چونڊون ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو ويندو ۽ سمورن تڪن تي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي امڪاني اميدوار طرفان چونڊ وڙهڻ جي صورت ۾ انهن اميدوارن جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي. جميعت علماءِ اسلام طرفان سمورن اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ لاڳاپيل عملدارن وٽ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.هوڏانهن  جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو پارٽي جي هدايت تي لاڙڪاڻي کان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. راشد محمود سومرو جو چو هو ته کيس پارٽي هدايت ڪئي آهي ته هو بلاول ڀٽو زرداري خلاف لاڙڪاڻي مان چونڊو وڙهندو. هن جو چوڻ هو ته اهو تاثر ڏنو ويو ته سنڌ ۾ ون مين شو آهي ڪا ٻئي جماعت ڪامياب نه ٿي ٿئي سگهي