رائونتي واسي پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جو ڏس نه پتو، چاچو ڀائٽيو به بازياب نه ٿيا

0
266
رائونتي واسي پراسرار نموني گم ٿيل

رائونتي(ن پ ا) رائونتي شهر جو رهواسي گذريل 15 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل نينگرجي وارثن جو چوڻ آهي ته محمّد ناصر بٽ جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو هن کي اغوا ڪيو ويو آهي، محمد ظفر بٽ جو چوڻ هو ته مهنجو ڀاءُ مير پور ماٿيلو ويل هو جتان واپسي ناهي موٽيو، 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا خبر ناهي پئي شڪ اطلاع مير پور ماٿيلي پوليس کي مليل آهي، پر پوليس ڪا به مدد نه ڪئي آهي.
ٻئي پاسي رائونتي ويجهو اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل مغوي چاچو ڀائٽيو بازياب نه ٿيا آهن، سندس وارثن کان مغوين جي بازيابي لاءِ ھڪ ڪال ۾ پنج ڪروڙ ۽ ٻي ڪال ۾ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي. 9 ڏينهن اڳ ڳوٺ رحيم بوھڙ واسي علي گوھر بوھڙ کي سندس ڀائٽي رخسار بوھڙ سميت ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا ھئا، مغوي نائين ڪلاس جي شاگرد رخسار بوھڙ جو والد ايس ايس پي آفيس مير پور ماٿيلي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ڪندڙ آهي، مغوين جي وارثن کي ڌاڙيلن ڪال ڪري چيو ته ڀنگ ڏيو نه ته ٻي صورت ۾ چاچي ۽ ڀائيٽي جو لاش ملندو.