رئيساڻي راڄ ۾ آيل نوان لاڙا ۽ سنڌ ۾ بهتر حڪمراني جو خواب

0
725

ان ڏينهن لاڙڪاڻي پوليس جي ان سربراهه جي ايتري تڪڙ ۾ بدلي ٿي جو سندس جڳهه تي ٻيو آفيسر مقرر ڪرڻ جو به انتظار نه ڪيو ويو.عام طور پوليس آفيسرن جي بدلين مقررين تي آئي جي سنڌ جي صحيح ٿيل هوندي آهي پر لاڙڪاڻو پوليس جي اڳوڻي سربراهه مسعود بنگش واري آرڊر تي فار ڪري صحيح ڪنهن ٻئي آفيسر جي ڪيل هئي.
جيڪي ماڻهو ان سطح جي عملدارن جي بدلين مقررين جي باريڪن مان واقف آهن اهي سمجهي سگهن ٿا ته انگريزي لفظ ان سيريمونيل واري بدلي ٿيل هئي يعني بگ باس وٽان صرف ها ٿي ۽ آرڊر جلدي ۾ واٽس ايپ ڪرائي وائرل ڪيو ويو.مسعود بنگش سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پوليس آفيسر ٿي رهيو آهي ۽ ڏوهارين سان سڌو وڙهي يا انهن کي هاف فرائي فل فرائي ڪرڻ سبب پڻ هو مشهور رهيو. سياسي ماڻهن ۾ سندس ساک تڏهن وڌي جڏهن اڳوڻي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه کيس پنهنجي ضلعي خيرپور ۾ مقرر ڪرايو بعد ۾ هن کي گهوٽڪي ضلعو مليو.لاڙڪاڻي ۾ چون ٿا ته هو ٽي سال اڳ ان وقت آيو جڏهن سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي اندر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي خراب حڪمراني جون شڪايتون مليون ۽ هن پنهنجي ضلعي کي ٻين جي اثر کان ٻاهر ڪڍيو ۽ پنهنجي مرضي جا آفيسر مقرر ڪرائڻ لڳو.انهن ڏينهن ۾ بلاول جي ڪچهري گهوٽڪي جي محمد بخش مهر سان گهڻي هوندي هئي جنهن وٽ مسعود بنگش جي گهوٽڪي مقرري واري سفارش کڻي جڏهن محمد بخش مهر پهتو ته هن دوستاڻي حجت ۾ انگريزي ۾ چيو هئس ته اڇا جيڪڏهن اهو ايترو سٺو آفيسر آهي ته پوءِ مونکي لاڙڪاڻي ۾ گهرجي ٿو.ڪافي سالن بعد لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن پوليس آفيسر جي اها مقرري بريف ڪيس ڏيڻ کانسواءَ ٿي هئي.پر شرط اهو رکيو ويو ته ايم پي ايز ،ايم اين ايز سندس ڪم ۾ دخل اندازي نه ڏيندا.عملي طور لاڙڪاڻي ۾ ٿيو به ايئن جو ڪجهه ايم پي ايز، ايم اين ايز ته خود بلاول کي دانهن ڏيڻ ويا ته هي آفيسر اسان جي ته نٿو ٻڌي پر مخالف ڌر جي وڏيرن يا ايم پي اي جي ايتري ٿو ٻڌي جو فيصلا انهن ڏانهن ٿو موڪلي.ان ئي انداز سان بلاول پنجاب مان آيل آفيسر نعمان کي ڊي سي ڪري رکيو ۽ کيس بنا ڪنهن مقامي سياسي مداخلت جي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ان وقت وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وڏا ڀائر پيپلزپارٽي تي ايترو ناراض هئا جو ادي وڏيءَ کي راولپنڊي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪري پيشيون پيا ڀوڳرائين ته وري سنڌ ۾ اومني گروپ جي دفترن تي ڇاپا هڻي تاثر ڏئي رهيا هئا ته سنڌ حڪومت ڪنهن ڪم جي ناهي صرف هڪ خانگي ڪمپني ان کي هلائي رهي آهي.
انهن ڏينهن ۾بلاول پنهنجي ضلعي ۾ ته موچاري ساک وارا آفيسر لڳرايا پر خود سموري سنڌ ۾ مختلف معاملن جي پاڻ نگراني ڪندو رهيو ۽ پنهنجي پارٽي اندر ٻين اثر وارن کي عملي طور ڊرائيونگ سيٽ تان پوئتي ڪري ويهاريائين.انهن ڏينهن ۾ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي اندر ستايل اڳواڻن واري لابيءَ ۾ هڪ خوشي جي لهر ڇانيل هئي جو سالن بعد انهن کي به اقتداري حصو پتي ملڻ شروع ٿيو.بلاول ڀٽو پنهنجي پارٽي جي ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي بدران پنهنجي سياسي سيڪريٽري کي لاڙڪاڻي جا معاملا ڏسڻ ۽ نگراني ڪرڻ جي ذميواري سونپي ڇڏي.
لاڙڪاڻو پيپلزپارٽي جو گهر يا اباڻو تڪ آهي جتي جڏهن ڪا چرپر ٿيندي آهي ته ماڻهو سمجهي ويندا آهن ته هاڻي اقتدار جي اصل واڳ ڪنهن جي هٿ ۾ آيل آهي.لاڙ ڪاڻي جا معاملا حڪمران جماعت پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار جي هاڻوڪن ٻارنهن تيرنهن سالن ۾ مختلف مئنيجرن معرفت تبديل ڪندي رهي آهي.جڏهن وفاق ۾ رئيس وڏي جو راڄ هيو ته هن پنهنجي ڪمپني جي هڪ مئنيجر پر لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر کي مقرر ڪيو.اقتدار جي ويجهو رهندڙ ماڻهن تبديل ٿيل هوا جو رخ ڏسي وٺي ان ڊاڪٽر طرف ڊوڙون لڳايون.
جنهن کي ڪجهه بلڊرن پنهنجي پاران هڪ بنگلو به گفٽ ڪيو ته سائين لاڙڪاڻي ۾ توهان جي رهائش ضروري آهي.انهن ڏينهن ۾ ڪجهه مالي معاملا ايترا بگڙجي پيا جو رئيس وڏي کي ثبوتن سميت ٻڌايو ويو ته توهان جي مئنيجر اوڳاڙي ته ڪئي پر ڪمپني وٽ جمع ڪجهه نه ڪرايو اٿس.رئيس بنا ڪنهن هل هنگامي جي پنهنجي ان ڊاڪٽر مئنيجر کي ايترو پري ڪري ڇڏيو جو جيڪو مقامي اڳواڻن جون ملاقاتون ڪرائيندو يا وفدن کي گهرائيندو هو ان جي پنهنجي نئون ديرو هائوس ۾ داخلا بند ٿي وئي.نه صرف نئون ديرو هائوس پر خود لاڙڪاڻي ضلعي اندر داخلا بند ٿي ويس پر پوءِ کيس ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ معافين تلافين بعد کيس سنڌ اچڻ جي اجازت ملي.ان ڊاڪٽر خلاف مالي بيقاعدگين جا ثبوت وري ان مقامي اڳواڻ فراهم ڪيا جنهن کي خود ان مئنيجر ملاقات ڪرائي هئي نه ته هو پارٽي اڳواڻن کي ايلاز ڪندو هو ته ڪٿي باڊي گارڊن واري اسڪواڊ ۾ کيس شامل ٿيڻ جو موقعو ملي .رئيس وڏي واري مئنيجر جي تجربي بعد ان ئي مقامي طور گهٽ اهميت رکندڙ اڳواڻ کي اڳتي آندو ويو ۽ کيس بدلين مقررين کان ويندي ٺيڪن وغيره تائين جو مئنيجر ڪري رکيو ويو.ماڻهن وري بدليل هوائن جو رخ ڏسي ان طرف ڊوڙ لڳائي جيڪو ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان ويندي پنهنجي خاندان جي ٻين ماڻهن کي به سياست ۾ اهڙو وٺي آيو جو انهن کي هاڻي آئوٽ ڪرڻ مشڪل ٿي پيو هو پر اچانڪ بلاول جي ٽيم جي انٽر سبب وري اها ٽيم پاسي تي ٿي وئي ۽ بلاول جي ٽيم اڳيان اچي وئي.بدقسمتيءَ سان بلاول جي ٽيم پنهنجي بدتر حڪمراني واري ڇاپ لاهڻ بدران ان به ماضي واري ڀوتارڪي سسٽم کي اڳيان آندو ۽ ان ٽيم اندر هڪ اڳواڻ جو ڀاڻيجو ايترو اڳتي نڪري ويو جو سندس خلاف ثبوت بلاول تائين وڃي پهتا.
انهن مقامي منظرن سان گڏ وفاقي سطح تي پي ڊي ايم کان الڳ ٿي بيهڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي بيانيي کي تسليم ڪرڻ سبب جڏهن پيپلزپارٽي کي رليف ملڻ شروع ٿيو آهي ته هاڻي صرف لاڙڪاڻي جا نه پر سموري سنڌ جا فيصلا ڪرڻ ۾ پهرين واري ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو سرگرم ٿي آهي جو ماڻهو مبينا طور بريف ڪيس پوسٽنگس جي انتظار ۾ بريف ڪيسون ڀريون انهي ٽيم جي اڳيان پويان ڦرندا پيا وتن.هاڻي خود بلاول جي ٽيم پوئتي هٽي وئي آهي.سنڌ جي رئيساڻي راڄ ۾ آيل اهڙن نون لاڙن بعد مقامي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ ردوبدل پڻ هاڻي بلاول بدران ٻين جي مرضي سان ٿيندي جنهن ڪري اها ملتوي به ڪئي وئي.جڏهن ته پارٽي ايم پي ايز، ايم ايز جي اڪثريت ٻڌائي چڪي آهي ته کين ڪجهه رليف ڏيو ڇو ته اڳيان اليڪشن جا سال پيا اچن تنهنڪري ان جي تياري ڪرڻ لاءَ ضروري آهي ته هاڻي کان ئي ننڍي سطح جا اقتداري مزا کين وٺرايا وٺن جنهن جو اثر مقامي سطح تي ٽرڪل ڊائون ٿيندو.
سرڪاري نوڪرين خاص ڪري ماستري وغيره جي مقرري جا مرحلا پڻ هاڻي انهي ٽيم جي حوالي ڪيل آهن ڇو ته رئيس وڏو سڀني ڀوتارن کي آزمائڻ بعد سرعام چوندو آهي ته توهان کان بهتر انتظام ته منهنجي ڀيڻ پئي هلائي ۽ اها سٺي ايڊمنسٽريٽر ثابت آهي پر مجبوري آهي جو سرعام کيس وزيراعليٰ مقرر نٿو ڪري سگهجي ڇو ته بقول هڪ ايم پي اي جي ته وزيراعليٰ ته سنڌ ۾ سيد ئي بهتر لڳندا آهن.