دوداپور (ن پ ا) دوداپور لڳ حادثو، ٻه مهينا اڳ پرڻيل نوجوان فوت، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب ڳوٺ حاجي محمد مٺل کوسو جو رهواسي 20 ورهين جو محمد منير کوسو موٽرسائيڪل تي دائوجهانپور کان ڳوٺ اچي رهيو هو ته ملهو آباد لڳ سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل سان سندس ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي قادرپور جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ ڪري نوجوان کي لاڙڪاڻي نيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان جي 2 مهينا اڳ شادي ٿي هئي.