ڪراچي (م ڊ) ڪراچي کان لاهور وڃي پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهرا جي پيءُ مهدي ڪاظمي پاڪ ڪتاب مٿي تي  رکي چيو آهي ته هن ڪڏهن پنهنجي ڌي کي سندس سئوٽ زين سان شادي لاءِ مجبور ناهي ڪيو. سوشل ميڊيا تي دعا زهرا جي پيءُ مهدي ڪاظمي جي هڪ وڊيو منظرعام تي آئي آهي جنهن ۾ هو مٿي تي پاڪ ڪتاب رکي پنهنجي ڌيءُ جي سئوٽ سان شادي بابت ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته دعا ڪڏهن گهر ۾ ڪنهن ظهير جي ڪا ڳالهه نه ڪئي هئي. هن چيو ته مان اڃا به پنهنجي ڌيءَ ۽ زين جي شادي جو ڪو ارادو نٿو رکان جيڪڏهن مان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهيان ته الله جو قهر مون تي هاڻي ئي نازل ٿئي ۽ مان هن ڪرسي تان به نه اٿي سگهان. دعا جي پيءُ اهو به چيو ته مان ڪڏهن پنهنجي ڌيءَ تي هٿ ناهي کنيو، ڪڏهن ڪڏهن کيس ڇنڊ پٽيندو هيس جيئن والدين ٻارن کي دڙڪا ڏيندا آهن پر ڪڏهن ڪو ظلم ناهي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هو هاڻي به دعا ۽ ظهير جي شادي کي پسند جي شادي نٿو مڃي، ان پٺيان ڪو ٻيو سبب آهي ڇو ته دعا ڪڏهن گهر ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي هئي. ياد رهي ته دعا پنهنجي پيءُ تي الزام هنيو هو ته هو پلاٽ جي لالچ ۾ دعا جي شادي سندس سئوٽ سان ڪرائڻ چاهيندو هو.