ڀٽ شاهه (ن پ ا) درگاهه ڀٽ شاهه تي ايندڙ زائرين جي ويڪسينيشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. درگاهه جي داخلي گيٽن تي ڪورونا ويڪسين ڊاڪٽرن جي ٽيم رينجرز سان گڏ پهچي پانڌيئڙن کي ويڪسين لڳائڻ بعد مزار ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. ويڪسين نه لڳائيندڙ پانڌيئڙن کي درگاهه کان ٻاهر واپس موڪليو پيو وڃي. ڪورونا وائرس کان بچاء لاء ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊي ايچ او مٽياري يارمحمد کوسو جي اڳواڻي ۾ درگاه تي پهتي درگاهه تي موجود مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي ڪرونا کان بچاء لاء ويڪسين لڳايا ويا درگاه تي ايندڙ تقريبن300 کان وڌيڪ پانڌيئڙن کي ويڪسين جا ڊوز لڳايا ويا آهن.