دارالامان ۾ به امانُ ناهي!

0
195
عوام جي ٻانهن ۾ ڇَٽ پَٽن سان هڻڻ جيترو ٻَل موجود آهي
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي حالت بهتر ته پري جي ڳالهه، اهڙي به نه آهي، جنهن کي اطمينان جوڳي چئي سگهجي پر سنڌ ۾ ته سڀني صوبن جي ڀيٽ ۾ حالت وڌيڪ خراب آهي. هتي ته ڪجهه ضلعن ۾، جتي جرڳائي ڀوتارن ۽ سردارن جي آڪٽوپس مڪمل طرح سماج کي وڪوڙي ۽ جڪڙي ورتو آهي، اتي ته عورتن تي ٿيندڙ ظلم، جسماني ۽ جنسي تشدد، ڪارنهن جي الزام ۾ انهن جي قتل ۽ مٿن ٿيندڙ بربريت کي ڏسي اهو گمان ٿيڻ لڳندو آهي ته عورتن جا حق ته پري جي ڳالهه، هتي عورتن کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي. عورت دشمن سماجي روين کي ڏسي ڪير چوندو ته هيءَ ننگن تان نثار ٿيندڙن ۽ سامن تي سِر ڏيندڙن جي سر زمين آهي! عورتون ظلم ۽ جبر جي گهاڻي ۾ پيڙجنديون رهن ٿيون ۽ ڪا عورت ان ظلم کي نه قبوليندي، “نه” چوڻ جي جرئت ڪري ٿي ته ان کي قانون جي اوٽ ۽ اجهو حاصل ناهي هوندو. اهڙي عورت وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ توڙي جو حڪومت طرفان دارالامان ته قائم ٿيل آهن پر انهن جون حالتون ايتريون ته خراب آهن، جو عورتون اتي اڪثر حالتن ۾ وڃي پڇتائين ٿيون ۽ اتان فرار جو رستو ڳولهين ٿيون. ڪالهوڪي “پنهنجي اخبار” ۾ دارالامان سکر جي حوالي سان خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اتي پناهه وٺندڙ عورتن کي تالن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون بيمار ٿي پيون آهن. هڪ عورت کي رت جون الٽيون ٿي پيون پر دانهن باوجود به ان جو علاج نه ڪرايو ويو. ان کانسواءِ عورتن کي کاڌي جي فراهمي ۾ پڻ دير جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن.

سنڌ ۾ عورتون ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن ۽ هتي مجموعي طور تي سماجي رويا اهڙا نه آهن، جن ۾ عورتون آزاديءَ سان سک جو ساهه کڻي سگهن. وڏن شهرن ۾ گهٽ، باقي هنڌن تي حالت اها آهي ته عورتن کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو، کين سڱ چٽيءَ ۾ ڏنو وڃي ٿو، پئسن عيوض وڪرو ڪيو وڃي ٿو، انهن جي مرضيءَ کانسواءِ جبري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون يا وري اهي بدترين تشدد کي ڀوڳين ٿيون. توڙي جو اسان جي ئي حڪمرانن پاڻ کي دنيا ۾ لبرل ظاهر ڪرڻ لاءِ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونسازي ته ڪئي آهي پر انهن قانونن تي عمل نٿو ٿئي. سڄو سماج جرڳائي ڀوتارن ۽ سردارن وٽ يرغمال بڻيل آهي. عورتن جي تعليم لاءِ موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن. ان گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪا عورت پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ لاءِ روايتون ٽوڙي وک وڌائي ٿي ته ان جو هر رستو موت ڏانهن وڃي ٿو. عورتن جي پناهه وٺڻ لاءِ توڙي جو حڪومت دارالامان جوڙايا آهن پر انهن ۾ به امانُ نه آهي. پناهه وٺندڙ عورتن تي انهن پناهه گاهن ۾ به بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو، جنسي طرح حراسان ڪيو وڃي ٿو، غير صحتمند ۽ غير انساني حالتن ۾ انهن کي جيئڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. هڪڙي جهنم کان بچڻ جي لاءِ جڏهن عورتون دارالامان ۾ پناهه وٺن ٿيون ته پاڻ کي اهي وري هڪ نئين جهنم ۾ محسوس ڪن ٿيون. توڙي جو سنڌ ۾ انساني حقن ۽ عورتن جي حقن جي حوالي سان گهڻيون اين جي اوز ڪم ڪن ٿيون، ڪيترائي انساني حقن جا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن پر انهن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي ته دارالامان ۾ عورتون ڪهڙين ڏکين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيون آهن. انهن حالتن کان تنگ ٿي اتان ڪيترين ئي عورتن جي فرار ٿيڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر سميت ڪي چار يا پنج دارالامان آهن، جڏهن ته هئڻ ايئن گهرجي جو هر ضلعي ۾ حڪومت شيلٽر هوم جوڙائي، جتي عورتن جي نه صرف تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي پر انهن جي بهتر رهائش، کاڌي پيتي ۽ ماحول جو بندوبست ڪيل هجي. اهو پڻ رپورٽ ٿيندو رهيو آهي ته درالامان ۾ مرد انچارج مقرر ڪيا وڃن ٿا، جيڪي اتي پناهه وٺندڙ عورتن کي حراسان ڪن ٿا، ڪجهه سال اڳ اهڙيون ئي خبرون دارالامان سکر جي حوالي سان پڻ رپورٽ ٿي چڪيون آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ قائم ٿيل دارالامان جون حالتون بهتر بڻايون وڃن. دارالامان سکر ۾ عورتن سان قيدين کان به بدتر رويو رکڻ ۽ انهن کي تالن ۾ بند ڪرڻ، انهن کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ کان انڪار جي جاچ ڪرائي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. انساني حقن توڙي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ جي دعويدار اين جي اوز توڙي سرڪاري ادارن کي وقت بوقت دارالامان جا دورا ڪري اها جاچ لهڻ گهرجي ته اتي پناهه وٺندڙ عورتون ڪهڙين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيون آهن.