داد لغاري ويجهو ٻن ڏينهن کان لاپتا نوجوان جي وارثن پاران اغوا جي تصديق

0
211

داد لغاري (ن پ ا) داد لغاري ويجهو ٻن ڏينهن کان لاپتا نوجوان جي وارثن پاران اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي، ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کان 20 لک رپيا ڀنگ گهريو ويو آهي، مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين فون ڪري امام بخش پتافي جي آزادي لاءِ 20 لک روپيا ڀُنگ گهريو آهي، غريب آهيون، ڀُنگ جي رقم ڀرڻ جي سگهه ناهي، نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.