دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ ايگريڪلچر ريسرچ نان گزٽيڊ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مرڪزي اڳواڻ علي اڪبر سولنگي ، امان الله ڀرٽ ، ارشاد ڀنڊ ۽ ضمير حسين جي اڳواڻي ۾ ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جن چيو ته سرڪار پاران ملازمن جي وردين لاء ايندڙ بجيٽ هڙپ ڪئي وڃي ٿي ، آفيس ۾ فرنيچر نه هئڻ ڪري ڊيوٽي تي ايندڙ ملازم صبح کان مجهند تائين بيهي ڊيوٽي ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چتاء ڏنو آهي ته ملازمن جي وردين ، ٻين خرچن لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ڪرپشن بند ڪري آفيس مان فرنيچر جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.