دادو مان هفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل نينگر لاهور مان هٿ

0
238

دادو(ن پ ا) دادو مان هفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل نينگر لاهور مان هٿ اچي ويو، جنهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، دادو پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور مان هٿ آيل سورج آباد پاڙي واسي سجاد پٽ اشرف چنو کي اسان جي حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته سجاد چنو کي اغوا ڪري لاهور نيو ويو هو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.