دادو/مورو (نمائندن وٽان) ڪيٽي جتوئي ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڳوٺاڻن منٺار ۽ طالب شاهاڻي جي قتل واقعي جو راڄوڻي فيصلو 27 جولاءِ تي دادو ۾ پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي بنگلي تي رٿيو ويو آهي، ڌرين ۾ راڄوڻي فيصلو منظور پنهور جي سرپئچي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ مختلف برادرين جا سردار ۽ چڱا مڙس پڻ امين طور شرڪت ڪندا، ان حوالي سان سردار چاڪر خان شاهاڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي ساڻس فون تي رابطو ڪيو ، ڳالهين دوران اسان ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق ٿيڻ بعد فيصلي جي تاريخ 27 جولاءِ مقرر ڪئي آهي، جنهن بعد مرتضيٰ جتوئي ۽ اسان منظور پنهور کي ٻڌايو ، انشا الله 27 جولاءِ تي شاهاڻي ۽ جتوئي برادري ۾ رنجشون ختم ٿي وينديون. واضح رهي ته شاهاڻي برادري جي ٻن ڳوٺاڻن جي قتل واقعي بعد شاهاڻي ۽ جتوئي برادري جي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ شاهاڻي برادري جي ماڻهن پاران مرتضيٰ جتوئي جي لانڍين ۽ زرعي زمين تي قبضو ڪيو ويو هو.