راڌڻ (ن پ ا) سيشن جج دادو ضمانت تي آزاد بدفعلي ڪيس جي ٻن جوابدارن خليل سولنگي ۽ عبدالستار سولنگي جي ضمانت رد ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آهي. راڌڻ واسي ٻن ڄڻن خليل سولنگي ۽ عبدالستارسولنگي کي بدفعلي جي ڪوشش ڪيس ۾ 25 مھينا ۽ 20-20 ھزار ڏند جي سزا برقرار رکندي سندن ضمانت رد ڪري ڇڏي آھي کين عدالت جي احاطي ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آھي ـ گذريل سال مارچ مھيني ۾ راڌڻ جي ھارون محلي واسي عبدالحڪيم سولـنگي جي فرياد تي راڌڻ ٿاڻي تي سندس 10 ورھين جي پٽ رحمن علي سولنگي سان زبردستي بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ماڊل ڪورٽ ميھڙ مان سزا ملڻ بعد اپيل ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ ويا ھئا جنھن ضمانت رد ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آھي.