خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀرڳڙي پاڙي مان موٽر سائيڪل سوار جوابدار 6 سال جي زينب ڌيءَ نظام الدين رڏ کي اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته رهواسين پيڇو ڪري هڪ جوابدار کي سوگهو ڪري ٻارڙيءَ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ٻارڙيءَ جي وارثن جوابدار کي اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو، جتي سڃاڻپ غلام محمد پٽ شوڪت چانڊيو جي نالي سان ٿي. والد نظام الدين رڏ جو چوڻ هو ته نياڻي گهر ٻاھران ٻين ٻارن سان راند کيڏي رھي ھئي ته موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا کيس اغوا ڪري ويا، ٻارڙي کي ڇڏرائي جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو.