خيرپور (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت تپيدار مٿان حملي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري کين سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽ اڳڙا ٿاڻي تي درج قاتلاڻي حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران عدالت ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدارن اربيلو شيخ ۽ تاج محمد شيخ جي ضمانت رد ڪري کين سينٽرل جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته ضمانت رد ڪيل جوابدار اربيلو شيخ ۽ تاج محمد شيخ سميت 30 جوابدارن خلاف پابنديءَ باوجود ساريون پوکڻ واري عمل کان منع ڪرڻ تي تپيدار محمد الياس گهمرو مٿان حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ جو ڪيس اڳڙا ٿاڻي تي داخل آهي. ڄاڻايل ڪيس جا 14 جوابدار سينٽرل جيل ۾ قيد آهن، جڏهن ته ڪجهه روپوش ته ڪجهه ضمانت تي آزاد آهن. سزا ٻڌايل جوابدار تاج محمد شيخ گرفتار، جڏهن ته اربيلو شيخ ڪچي ضمانت تي آزاد هو. عدالتي ڪارروائي بعد ٻنهي جوابدارن کي جيل موڪليو ويو.