سکر (بيورو رپورٽ) جنسي حراسان ڪرڻ جي الزام ھيٺ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل سکر جي ڪارروائي، خيرپور واسي نوجوان گرفتار، گرفتار جوابدار مٿان درخواستون گذار جون فحش تصويرون ۽ وڊيو ڦھلائڻ  جو الزام، پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل، جاچ شروع. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل سکر ڪامياب ڪارروائي ڪندي جنسي هراسان ڪرڻ جي الزام ھيٺ خيرپور واسي جوابدار فرحان علي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان موبائيل فون ۽ مواد برآمد ڪري ورتو آھي. گرفتار جوابدار مٿان واٽس ايپ ذريعي شڪايت ڪندڙ جون فحش تصويرون ۽ وڊيو ڦھلائڻ جو الزام آھي. ابتدائي جاچ موجب گرفتار جوابدار 4 مھينن کان درخواست گذار کي جنسي حراسان ڪري رھيو ھو، جنھن خلاف پيڪا ايڪٽ 2016 تحت ڪيس داخل ڪري خيرپور ۾ ڇاپو ھڻي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ وڌيڪ معاملي جي جاچ جاري آھي.