دادو (رپورٽر) خيرپور ناٿن شاھ جي ڳوٺ ڪانئرو ۾ نوجوان ناري عاصمه ملاح هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي نشانو بڻائي کيس گهر آڏو ڦٽو ڪري ويا، ناري جي ڀاء صدام حسين ملاح ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت ۾ ملوث جوابدارن تي ڪي اين شاھ پوليس پاران ايف آء آر داخل نه ڪرڻ تي سيڪشن 22 ، اي بي تحت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ داخواست داخل ڪئي آهي ، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته 4 ڏينهن اڳ دلبر ۽ اڪرم چانڊيو هٿيارن سان مسلح ٿي سندس گهر ۾ گهڙي سندس ڀيڻ عاصمه کي هٿيارن جي زور تي اغوا کڻي ويا ۽ ساڻس زبردستي ڏاڍائي ڪرڻ سندس ڀيڻ کي بيهوشي جي حالت ۾ گهر آڏو ڦٽو ڪري ويا ، اهڙي واقعي ڪي اين شاھ پوليس سندن ڪيس داخل کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو آهي ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڪي اين شاھ پوليس کان 28 ، جون تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.