خيرپور خوفناڪ روڊ حادثي جو بس ڊرائيور خلاف ڪيس داخل

0
327

خيرپور (ن پ ا) خيرپور خوفناڪ روڊ حادثي جو بس ڊرائيور خلاف ڪيس داخل، ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بس ڊرائيور جي غفلت سبب حادثو پيش آيو، خوفناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻاررن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي هئا: بس ڊرائيور جِي گرفتاري بعد ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ۽ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جَي وڏي منشي امام بخش بڙدي جَي بيان ۾ تضاد، ايس ايس پي خيرپور گذريل ڏينهن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي بس ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي، ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي وڏي منشي امام بخش بڙدي جو چوڻ آهي ته حادثي بعد ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويو.