خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت مسلسل غير حاضر رهندڙ مختيارڪار، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. خبر موجب فرسٽ سول جج جي عدالت مسمات مختيار بيگم طرفان بنيادي مسئلن جي حل نه ٿيڻ خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ مسلسل غير حاضر رهڻ سبب عدالت مختيارڪار خيرپور ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.