خيرپور جي دائود ڳوٺ ۾ سيوهڻ حادثي جي 20 فوتين جي جنازي نماز بعد تدفين

0
254
خيرپور جي دائود ڳوٺ ۾ سيوهڻ

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي دائود ڳوٺ ۾ سيوهڻ حادثي جي 20 فوتين جي جنازي نماز بعد تدفين، هڪ ئي وقت 20 مڙهه کڄڻ تي ڪُهرام مچي ويو، جنازي نماز ۾ ڊي سي، ايس ايس پي خيرپور، جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي

 ڦلپوٽا برادري جا ماڻهو گذريل رات سکان کڻي قلندر جي درگاهه وڃي رهيا هئا ته وين انڊس هاءِ وي تي لڳل ڪٽ وٽان ڪلٽيون کائي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي

اڪثر ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيا، فوتين ۾ نئين پرڻيل ڪنوار، ٻار ۽ عورتون به شامل، حادثي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا

خوفناڪ واقعي جو ذميوار وين ڊرائيور هو يا انتظاميه؟

سيوهڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي پيش آيل خوفناڪ واقعي جو ذميوار وين ڊرائيور هو يا انتظاميه؟ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انڊس هاءِ وي تي ٻوڏ دوران ڪٽ هڻڻ کانپوءِ پاڻيءَ  جي ٺهيل کڏ کي بند نه ڪيو ويو هو، پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪريل وين کي ڪرين جي مدد سان ٻاهر ڪڍيو ويو

مقامي پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته واقعو ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو، ڪٽ جي ڀرسان ڊرائيورز کي گاڏي آهستي هلائڻ جو بورڊ به لڳل هو، ڊرائيور جي تيز رفتاريءَ سبب خوفناڪ حادثو پيش آيو

ھي به پڙھندا

رائونتي ويجهو موٽروي تي ٻن حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، 23 کان وڌيڪ زخمي

سيوھن ويجھو حادثي ۾ فوت ٿيل 20 ڄڻن جا مڙھ خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو پھچايا ويا، علائقي ۾ سوڳ