خيرپور جو ميونسپل عملو پ پ جلسي جي تيارين ۾ رڌل، ڪتا بي قابو،11 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي

0
71

خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي جو عملو بلاول ڀٽو جي جلسي جي تيارين ۾ رڌل، ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ سبب ھڪ ئي محلي جي 11 ڄڻن کي رولو ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو

زخمين ۾ علي بلوچ، سھيل احمد، رحم علي، محمد مبشر، شھباز علي، عبدالمجيد، سجاد علي، فرمان، خالد حسين، دلشير ۽ ادل شامل آھن، جن مان ٻن ڄڻن مبشر ۽ علي بلوچ جي حالت گڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ زخمين جي وارثن جو چوڻ ھو ته سول اسپتال خيرپور ۾ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين اڻلڀ آھي

جنھن ڪري ڪيترن ئي زخمين کي گمس اسپتال، لاڙڪاڻو سول اسپتال سميت مختلف اسپتالن ڏانھن ريفر ڪيو ويو، هنن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي طرفان ٻه سال گذرڻ باوجود شهر ۾ ڪتا مار مهم شروع ناهي ڪرائي وئي

ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو عملي سميت سياسي اڳواڻن کي خوش ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي جي تيارين ۾ مصروف آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪرائي وڃي