خوراڪ جي کوٽ، مهانگائي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ

0
52
خوراڪ جي کوٽ، مهانگائي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ

 هڪ پاسي ملڪ جو عوام کاڌ خوراڪ جي بنيادي شين خريد ڪرڻ جي سگهه کان وانجهو آهي ته ٻئي پاسي ملڪ مان کاڌ خوراڪ جون شيون پرڏيهه وڪرو ڪيون پيون وڃن. مارچ مهيني ۾ پاڪستان 68.5 ڪروڙ ڊالرن جي کاڌ خوراڪ پرڏيهه موڪلي آهي. واپار واري وزارت عيد کانپوءِ بصرن جي پرڏيهه وڪري تان پابندي هٽائي ڇڏي، جڏهن ته ملڪ ۾ بصرن جو اگهه ان وقت 200 رپيا في ڪلو کان به چڙهيل هو. پاڪستان ان ڪري بصر پرڏيهه وڪڻي رهيو آهي، جو ڀارت پنهنجي ملڪ واسين جي مفاد ۾ بصرن جي پرڏيهي وڪري تي بندش لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي شهرين کي سستي خوراڪ ڏيڻ بجاءِ ڊالر ڪمائڻ لاءِ ان جي پرڏيهه واپار جي اجازت ڏيڻ جي نتيجي ۾ ملڪ اندر کاڌ خوراڪ جي شين جي مهانگائيءَ جي شرح سرڪاري انگن اکرن موجب 16.6 سيڪڙي تائين پهچي وئي آهي. جڏهن حڪومت پنهنجي ملڪ جي غذائي گهرج پوري ڪرڻ کانسواءِ شيون پرڏيهه موڪليندي ته لازمي طور اهي شيون مقامي مارڪيٽ ۾ مهانگيون ٿينديون. هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان 38 ڪروڙ ڊالرن جو گوشت پرڏيهه وڪرو ڪيو. نتيجي ۾ ملڪ اندر اڍائي سالن ۾ ماهيو گوشت 700 رپيا في ڪلو مان وڌي 1300 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. ان جي ابتڙ هندستان بصرن جيان جانورن جي پرڏيهي واپار تي به بندش لاڳو ڪئي آهي. هندستان ۾ موسمياتي حالتن سبب چانورن جي اپت گهٽجڻ سبب ان ڊالر ڪمائڻ بجاءِ پنهنجي شهرين جي گهرج کي اوليت ڏيندي چانورن جي پرڏيهه وڪري تي پابندي وڌي ته جيئن ملڪ اندر چانورن جا اگهه نه وڌن. ڀارت دنيا ۾ چانورن جي ايڪسپورٽ ۾ 40 سيڪڙو ڀائيوار آهي. ان پاران بندش لاڳو ڪرڻ سبب دنيا ۾ چانورن جي پڙيءَ ۾ وڏي اٿل پٿل آيل آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان پاران چانورن جي پرڏيهي واپار تي وڌيڪ زور آهي. نتيجي ۾ پاڪستان هلندڙ مالي سال جي فيبروري تائين (ستن مهينن ۾) 66 سيڪڙو وڌيڪ چانور پرڏيهه موڪليا آهن. گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ پاڪستان 1.98 ملين ٽن چانور پرڏيهه موڪلي 1.66 ارب ڊالر ڪمايا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ هن سال پاڪستان 3.3 ملين ٽن چانور موڪلي 2.1 ارب ڊالر ڪمايا آهن.

ملڪ اندر غذائي جنسن جا اگهه اڀ تي چڙهيل آهن. مارچ مهيني جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو وڌيڪ رهيا آهن. عام ماڻهو کاڌ خوراڪ جي خريداري ۾ هٿ جهلڻ تي مجبور آهن. وچولي طبقي ۾ به کاڌ خوراڪ جي معاملي تي تمام گهڻي دانهن آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن ملڪ اندر کاڌ خوراڪ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، ان وقت ملڪ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ تي تمام تيزيءَ سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هن وقت تائين گهڻو ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ کي ارب ملڪن سان ڪاروبار ڪرڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي طور ڳڻيو پيو وڃي.

ڪجهه مهينا اڳ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو هو ته سعودي عرب ۽ يو اَي اِي پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندا، جنهن ۾ زراعت به شامل آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي پئماني تي زمين به ورتي وئي آهي، جنهن لاءِ هڪ نئين اداري گرين پاڪستان انيشيئيٽوِ جو بنياد به رکيو ويو آهي. عرب نيوز جي هڪ خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوجي فائونڊيشن هيٺ “فان گرو” (Fon Grow) ڪمپني به قائم ڪئي وئي آهي. هن ڪمپني ايندڙ پنجن ستن سالن اندر 20 لک ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻ جي رٿا ٺاهي آهي. ان جي شروعات خانيوال ۾ 5 هزار ايڪڙ زمين تي ڪئي وئي آهي. ايندڙ سال وڌيڪ 5 هزار ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي رٿا به ٺهيل آهي. فوجي فائونڊيشن جي سربراهه جو چوڻ آهي ته اهي هر سال ويهه پنجويهه هزار ايڪڙ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندا ويندا.

پاڪستان کي هنن معاشي حالتن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي پر ان لاءِ سمورن پاسن کي مد نظر رکندي فيصلا ڪرڻ گهرجن. سعودي عرب ۽ عرب امارات سان ان قسم جي ڪاروباري ناتن جون ڳالهيون نيون ناهن. 2009ع ۾ به ان ئي قسم جي رٿائن بابت سرگرمي ٿي هئي. تڏهوڪي وفاقي سيڪريٽري زراعت 5 لک  ايڪڙ زمين سعودي عرب کي پوکيءَ لاءِ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سيڪريٽري زراعت توقير احمد فائق چيو هو ته اها زمين چئني صوبن مان ورتي ويندي، جتي ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيا ويندا. ان خبر ۾ اهو به ڄاڻايل هو ته سعودي عرب کي ساليانو 26 لک ٽن ڪڻڪ جي گهرج پئي ٿي. سعودي عرب پنهنجي ملڪ ۾ ڪڻڪ اپائڻ واري رٿا ان ڪري ختم ڪري ڇڏي، جو وٽس گهربل پاڻي موجود ناهي. ان کان اڳ جون 2008ع ۾ فنانشل ٽائمز رپورٽ ڏني ته تڏهوڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سعودي عرب مان دوري تان واپسي تي هڪ اهم بريڪ ٿرو ٿيو آهي. ان خبر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته عرب امارات پاران هڪ خانگي ڪمپني ملڪ ۾ زرعي زمين خريد ڪري رهي آهي. پنجاب ۾ هارين جي نمائندگي ڪندڙ 22 تنظيمن جي پليٽ فارم “پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي” پاران ان رٿا جي مخالفت ڪئي وئي هئي. ان کانپوءِ اها رٿا ڪيڏانهن  وئي، ڪا خبر ناهي.

هاڻي 15 ورهين کانپوءِ ان رٿا کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ٻيهر عمل هيٺ آڻڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پاڪستان وٽ زمين ته گهڻي آهي پر ان وٽ موجود پاڻي ملڪ جي زرعي ضرورتن جو مس پورائو ٿو ڪري. سوڪهڙي وارن ورهين ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست تان ڇڪتاڻ ٿيندي رهي ٿي. ان صورتحال ۾ 20 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ هيٺ آڻڻ وارن وٽ پاڻيءَ جي ڊگهي مدت ۾ موجودگي واري سوال جو ڪو چٽو جواب ناهي. ان ئي مقصد لاءِ چولستان جي ريگستان ۾ گريٽر چولستان ۽ سمالر چولستان آبپاشي رٿائن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ پنجاب جي آبپاشي کاتي ۽ واپڊا پاران الڳ فورمن تي ڏنل پريزنٽيشنز ۾ چناب نديءَ مٿان مڏ رانجها، شاهه جيوڻا ۽ چنيوٽ وٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جا ڊيم ۽ حاصل پور ۽ بهالپور وٽ نوان بئراج ٺاهڻ جون رٿائون شامل ڪيون ويون آهن. مزي جي ڳالهه ته حڪم جي بجا آوريءَ لاءِ جوڙيل ان وڏي رٿا ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي کان سيپٽمبر جي پهرين هفتن وارن نون هفتن ۾ ٻوڏ جي وهڪرن تي دارومدار ڏيکاريو ويو آهي. ان رٿا ۾ اهو واضح ناهي ته جيڪڏهن ٻن ٽن سالن جو سوڪهڙو اچي وڃي ۽ ان رٿا لاءِ رٿيل ڊيمن جو ذخيرو ختم ٿي وڃي ته پوءِ لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ايڏيون وڏيون رٿائون لڳاتار وهڪرن کانسواءِ ڪيئن هلائي سگهبيون؟ اهو به آبپاشي واري سائنس جي بنيادي اصولن جي ابتڙ آهي. پنجاب توڙي سنڌ جو باقي نهري پاڻي ته هاڻوڪين زرعي ضرورتن لاءِ ورهائي رکيو ويو آهي. ان ۾ ڪٿي به واڌو آبپاشي يا زراعت جي گنجائش موجود نه آهي.

در حقيقت پاڻي توڙي زمين کانسواءِ في ايڪڙ اپت جي صلاحيت وڌائڻ واري پاسي تي ڌيان  ڏيڻ جي ضرورت آهي پر ان تي ڪم ڪرڻ ۾ شايد ڪنهن به ڌر کي دلچسپي ناهي. زرعي ترقياتي بينڪ پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2015ع کان 2016ع جي وچ ۾ ملڪ اندر اناج جي مجموعي سالياني اپت جي صلاحيت 10 ڪروڙ، 90 لک، 33 هزار ڪلوگرام هئي، پر ان جي ابتڙ اصل سالياني اپت 3 ڪروڙ، 82 لک ڪلوگرام هئي. معنيٰ ته پاڪستان پنهنجي اصل صلاحيت جو رڳو 38 سيڪڙو اناج اپائي رهيو آهي. ان جو مطلب ته پاڪستان ان پاسي ٿوري خرچ ۽ ڌيان سان 62 سيڪڙو وڌيڪ اناج اپائي سگهي ٿو. ياد رهي ته پاڪستان جي في ايڪڙ پيداوار پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ آهي. پاڪستان ۾ چانورن جي پيداوار 1.2 ٽن آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ چين 2.6 ٽن، بنگلاديش 1.7 ٽن، سريلنڪا 1.6 ٽن ۽ ڀارت 1.3 ٽن في ايڪڙ چانور اپائين ٿا. ساڳي صورتحال ڪڻڪ جي اپت جي به آهي. پاڪستان سراسري طور في ايڪڙ تي هڪ ٽن ڪڻڪ اپائي ٿو، جڏهن ته چين ۾ في ايڪڙ 1.9 ٽن ڪڻڪ اپائي وڃي ٿي. ڀارت ۾ في ايڪڙ اپت 1.13 ٽن آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته پاڪستان هاڻوڪي زرعي زمين ۽ پاڻيءَ مان به اناج جي پيداوار ٻيڻي ڪري سگهي ٿو. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ نئين آبپاشي رٿائن يا زمينون آباد ڪرڻ جي ضرورت به ناهي. آبپاشي نظام، پاڻي ڏيڻ جي جديد طريقن، واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ، جديد زرعي جنسون، ٻج ۽ معياري ڀاڻ ۽ دوائون حاصل ڪرڻ سان اناج جي اپت وڌائڻ جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان سان مقامي سطح تي به عوام جي خوراڪ جي گهرج پوري ڪري سگهبي ته واڌو پيداوار پرڏيهه وڪرو ڪري پرڏيهي ناڻو به حاصل ڪري سگهبو.