خودڪشي ؟

0
139
خودڪشي ؟

 گهڙي کن لاءِ مڃون ٿا ته هاسٽلن ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ ڇوڪريون، ڇوڪرا، ٻار يا وڏا خود ڪشيون ٿا ڪن، پر دوستو جيڪو انسان ننڍڙي چهنڊڙي يا رھنڊ، ڊاڪٽر جي سئي يا پير ۾ ڪنڊو لڳڻ تي دانهن ڪري، اهو سماج، فرد يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ايترو تنگ ٿي، جو پاڻ کي ماري ڇڏي، اها خودڪشي نه پر سماجي قتل آهي ان ڪري پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ڀيڻ، ڀاءُ، ماءُ، پي، ساٿي، دوست، آفيس، ڪاروبار يا ٻني ٻاري ۾ ڪم ڪندڙ کي ايتري اجازت ڏيو ته هو اوهان سان هر ڏک، سک، پريشاني شيئر ڪري، جتي سمجهو هو ذهني دٻاءُ ۾ آهي ته ان کي نفسياتي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، ان جي ڪائونسلنگ ڪرايو، گڏو گڏ اچو ته پاڻ هڪڙي مهم هلايون ته سنڌ جي هر اسپتال ۾ هڪ نفسياتي بيمارين جو ڊاڪٽر هجي، اسان سڀ  باقي سمورين جسماني بيمارين لاءِ آواز اٿاريون ٿا، سموري جسم کي هلائيندڙ دماغ آهي ان جي بيمارين کان ڪنلاٽار ڪريون ٿا، ان خوف ۾ ته ماڻهو متان چريو سمجهن، اچو ته ان سوچ سان جهاد ڪريون، هزارين انسانن جون حياتيون بچايون.

(فيس بوڪ وال تان)