خواندگي جو عالمي ڏينھن … سنڌ جي تعليم ۾ سُڌاري جو خواب

0
189
خواندگي جو عالمي ڏينھن ... سنڌ جي تعليم ۾ سُڌاري جو خواب

 سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ سڌارو تيستائين نہ اچي سگھندو، جيستائين اسان تعليم کي آسان، دلچسپ ۽ مزيدار نہ بڻائينداسين. سڀ کان اول ٻار اسڪول اچڻ تہ چاھي، پڙھائي تہ ان کانپوء ڪندو! سو تعليم کي تفريحي انداز ۾ پڙھائڻو پوندو. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ٻارن کي ڪتابن سان ئي نفرت ٿي وئي آھي، جنھن کي محبت ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. اسان وٽ ٻارن جي پڙھڻ تي دل ئي نہ ٿي چوي، ڇو تہ اسان تعليم کي ھڪ مصيبت بڻائي ڇڏيو آھي. تعليم کي عذاب نہ بڻايو. مشڪل، بور ۽ خشڪ نہ بڻايو. رٽا لڳرائي ٻارن تي ذھني تشدد واري عمل جو خاتمو آڻيو. تعليم کي سولو ۽ لطف اندوز بڻائي ٻارن لاء دلچسپ بڻايو. اسڪولن ۾ ھڪ ايل اي ڊي  ٽي وي جو بندوبست ڪري شاگردن کي تعليمي وڊيوز، فوٽو، نقشا، ڊائگرام ڏيکاربا تہ سبق سمجھائڻ ۾ وڏي مدد ملندي. اسڪولن ۾ غير نصابي پروگرام باقائدگي سان ڪرايو. شاگردن کي تعليمي دورا ڪرايو. ڪلاس روم کان ٻاھر بہ سکيا ڏيو تہ جيئن ٻارن ۾ پڙھڻ جو شوق پيدا ٿئي. امتحان ايترا اھم نہ ھوندا آھن، جيترا ڪلاس رومس ھوندا آھن. تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد گھڻيون مارڪون کڻڻ نہ ھوندو آھي، پر مھارت حاصل ڪري ايترو قابل ٿيڻ ھوندو آھي، جيئن ٻار جيڪو پڙھي ان تي عبور حاصل ڪري سگھي، جيئن سڀاڻي شاگرد ۾ ايتري قابليت اچي وڃي جو ھو نيون شيون ايجاد ڪري سگھي ۽ علم ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگھي. انھن سڀني شين حاصل  ڪرڻ لاء تمام ضروري آھي تہ ٻار دل سان پڙھي، زبردستي يا مجبوري وچان نہ.

سنڌ جي تعليم کي بچائڻو آھي تہ پرائمري کان وٺي تعليم جي نظام کي بھتر بنائڻو پوندو. يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن کي گھرجي تہ جڏھن بہ کين وقت ملي پنھنجي مھارت واري مضمون بابت اسڪولن ۾ وڃي پرائمري، سيڪنڊري ۽ مئٽرڪ جي شاگردن کي ليڪچر ڏين. اسڪولن جي ھيڊ ماسترن کي بہ اھا ڪوشش ڪرڻ گھرجي تہ پروفيسرن کان ليڪچر ڏيارڻ جو بندوبست ڪن. اھڙا ليڪچر شاگردن جي ذھنن تي گھڻا اثر ڇڏيندا، جيڪي کين وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ طرف اتساھيندا رھندا. سڀ کان اھم ڳالھ ته ان تجويز تي عمل ڪرڻ لاء فنڊس جي بہ ضرورت نہ آھي، فقط اڳڀرائي ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ادارن جي ڪارڪردگي ان جي سربراھ جي ڪارڪردگي تي مدار رکندي آهي. جيڪڏھن سربراھ قابل ۽ محنتي ھوندو تہ پوءِ ھيٺيون سڄو عملو سٺي انداز سان ڪم ڪندو، تنھنڪري سڀني اسڪولن جا ھيڊ ماستر جوابدہ آھن پنھنجي اسڪول جي ڪارڪردگي جا، جن جو حڪومت کي جائزو وٺڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪنھن اسڪول جي ڪارڪردگي سٺي ناھي تہ ان جي ھيڊماستر کي تبديل ڪرڻ گھرجي. اھڙي انداز سان اسڪولن جي ھيڊ ماسترن تي گھڻي ذميواري ٿي اچي. ڪنھن بہ نظام ۾ جيستائين چيڪ اينڊ بيلينس سسٽم نہ ھوندو اھو ڪم ڪري نہ سگھندو. جڏھن ڪم بابت ڪير پڇڻ وارو ئي نہ ھوندو تہ ڪم ڪيئن ٿيندو؟

ڪجھ ڳالھيون تہ تمام بنيادي نوعيت جون آھن جيئن اسڪول ۾ ٽائيم ٽيبل لڳل ھجي، روزانو سڀ ڪلاس وقت تي ٿيڻ گھرجن، اسڪول جو ھيڊ ماستر ھر مھيني ميٽنگ ڪري استادن کان پڇي تہ ڪيترو ڪورس پورو ٿيو ۽ اھا رپورٽ مٿي موڪلي ڏئي. وقت تي امتحان وٺي تفصيلي رزلٽ جو اعلان ڪيو وڃي تہ ڪھڙي سبجيڪٽ ۾ شاگردن ڪيترا نمبر کنيا. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تہ انھن بنيادي ڳالھين جو ئي پورائو نہ ٿو ڪيو وڃي، جنھن کي ڪير بہ ڏسڻ وارو موجود نہ آھي. ھر سبجيڪٽ لاء ھڪ الڳ استاد مقرر ٿيل ھجڻ گھرجي. ائين نہ ھجي تہ ھڪ ٽيچر سڀئي مضمون پڙھائيندو ھجي يا ڪلاس پنج ھجن تہ اسڪول ۾ استاد ئي ڪل ٽي ھجن.

جيئن اسان وٽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن HEC  آھي، جيڪا ھائير ايجوڪيشن کي سپروائيز ٿي ڪري ائين ئي پرائمري ايجوڪيشن ڪميشن PEC بہ ٺھڻ گھرجي جيڪا پرائمري تعليم جي سڌاري لاء ڪم ڪري ۽ پاليسيون جوڙي. تعليم جو مقصد ماڻھوءَ کي ھڪ مڪمل انسان ٺاھڻ ھوندو آھي، تنھنڪري ان کي دنيا جي سڀني علمن جي ڄاڻ ڏيڻ ضروري ھوندي آھي. ٻار وڏو ٿي ڪھڙو بہ شعبو اختيار ڪري ٿو سگھي پر ان وٽ سڀني شعبن بابت بنيادي تعليم تہ لازمي ھجڻ گھرجي. موسيقي انسان کي نرم دل، حساس، ٻين جو درد محسوس ڪرڻ وارو، فطرت ۽ جماليات سان پيار ڪرڻ وارو بڻائيندي آهي. ان مضمون شامل ڪرڻ پٺيان بنيادي مقصد شاگردن  کي سٺو انسان بنائڻ ئي آھي. توھان ڏسو تہ اسان وٽ ماڻھو تعليم يافتہ تہ آھن پر شعور يافتہ ڪيترا آھن؟ اھي سماج لاء ڪارائتا ڪيترا آھن؟ ٻين جو درد ڪيترو محسوس ڪندا آھن؟  ان ضرورت کي محسوس ڪندي اسان کي نصاب ۾ ان قسم جون تبديليون لازمي ڪرڻ گھرجن. ساڳي طرح ٻارن کي ڪمپيوٽر جي سکيا ڏيڻ بہ ضروري آھي.  تيراڪي (سوئمنگ) بہ ضرور اچڻ گھرجي. سٺن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي سوئمنگ لاءِ بہ پيرڊ رکيو ويندو آھي. ائين ئي ٻارن کي جنسيات بابت بہ ڄاڻ لازمي ڏيڻ گھرجي، جيڪو اڃان تائين اسان جي ڪورس جو حصو ناھي، جنھن سبب شاگرد زندگيءَ جي ان اھم مضمون بابت بہ اڻپوري ۽ غلط ڄاڻ رکن ٿا. زندگيءَ ۾ رڳو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي نہ آرٽ ۽ ھنرن جي بہ تمام گھڻي اھميت آھي.

تعليم ٻن قسمن جي ھوندي آھي. ھڪ نصابي، ٻي شعور کي وڌائڻ واري متبادل تعليم. زندگيءَ ۾ جيتري اھميت نصابي تعليم جي آھي، اوتري ئي شعور واري تعليم جي بہ. اڪثر ماڻھو نصابي تعليم ته تمام سٺي حاصل ڪندا آھن پر ان شعور واري تعليم جي اھميت کان اڻ واقف ھوندا آھن، جنھن ڪري انھن جي زندگي ۾ ھڪ وڏو خال رھجي ويندو آھي. ڊراما ۽ فلمون ڪجھ حد تائين ان خال کي پر ڪرڻ ۾ مدد ضرور ڪندا آھن پر ادب زندگي جي وڌيڪ کري، سچي ۽ حقيقت کان بنھ ويجھي تصوير آڏو آڻي ذھن کي ڪيترن ئي معاملن بابت سوچڻ ۽ ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪري ذھن جا دروازا ڪشادا بڻائي ان جي واڌ ويجهه ۾ وڏي مدد ڪندو آھي. ادب زندگي جي لاءِ ھڪ ويڪسين آھي. زندگي، موت، شادي، پيار، رشتا، پئسو، عزت، انتقام جھڙن ڪيترن ئي موضوئن تي جڏھن توھان جو ذھن اڳواٽ تيار ھوندو تہ توھان وڌيڪ بھتر انداز سان زندگي جي مسئلن کي منھن ڏئي سگھندا. مان ادب کي زندگي سنوارڻ جو ذريعو سمجھندو آھي. اھي ڪتاب دنيا جي بھترين دماغن جا لکيل آھن جن مان سبق حاصل نه ڪرڻ انسان جي محرومي ھوندي. تنھنڪري خاص طور تي ٻارن ۾ شعوري تعليم ڏيارڻ لاء بہ اوترائي انتظام ڪرڻ گھرجن جيترا نصابي تعليم حاصل ڪرڻ لاء ڪيا ٿا وڃن.

جيئن جڏھن ڪا نئين گورنمينٽ ايندي آهي تہ سڀني صحافين کي گھرائي حڪومت جي ڊائريڪشن بابت صلاحون وٺندي آهي، تيئن تعليم جي سڌاري بابت صوبي جي ناميارن تعليمي ماھرن ۽ يونيورسٽي پروفيسرن کي گھرائي ڇو نہ ٿيون صلاحون ورتيون وڃن؟ ان قسم جي ميٽنگ سان توھان کي ضرور اھڙيون ڪيتريون ئي تجويزون ملي وينديون جن تي عمل سان سنڌ جي تعليم ۾ وڏو فرق پئجي ويندو.

[email protected]