خواجا آصف جي ‘خيرخواهيءَ’ واري صلاح!

0
294
بجيٽ کان پوءِ ٻي وڏي واردات!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

حڪمرانيءَ جي آخري ايامن ۾ غريبن کي تعمير ٿيل گهر ملڻ جي نويد ڏني وئي آهي ۽ ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل مغوي آهستي آهستي آزاد ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اڃا به 26 يرغمالي رڳو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعي جا ڌاڙيلن جي گرفت ۾ آهن، باقي ٻيا ضلعا اڃا الڳ آهن، پر لڳي ائين ٿو ته اقتدار جي باقي ڏهاڪو کن ڏينهن ۾ ڌاڙيلن جي جهوليءَ ۾ باقي وڃي ڪي داڻا بچندا. منتظمين کي اهو يقين هوندو ته ڪمزور يادداشت ۽ حافظي واري هن قوم کي صرف آخري ڳالهه ياد رهندي آهي، اقتداري آخري ايامن جي مهربان موسم جي آخري ڳالهه! باقي اقتدار جي سموري عرصي ۾ عوام خير جي خبر لاءِ سِڪندو رهيو. رياست عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هاڻي ته حڪمران پاڻ به عوام کي اها صلاح پيا ڏين ته، اهي (رياست تي ڀاڙڻ بدران) پنهنجو تحفظ پاڻ ڪن. اهڙي لب ڪشائي دفاع واري وفاقي وزير  خواجا آصف پڻ ڪئي آهي، جنهن چيو آهي ته، ڪچي جا ڌاڙيل ايڊوانس ٿي ويا آهن. ازالي لاءِ علائقي واسين کي هٿياربند ڪرڻو پوندو. بيربل ثاني وزير باتدبير فرمائي ٿو ته، ڪچي جي علائقي ۾ ته هر ٻار وٽ هٿيار هجڻ گهرجي. ٻئي طرف سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران 25 سالن کان گهٽ عمر وارن کي به هٿيارن جو لائسنس جاري ڪرڻ ۽ صوبي ۾ هٿيارن جا ڪارخانا قائم ڪرڻ وارو سنڌ آرمز ترميمي بل، يڪراءِ منظور ڪيو ويو آهي.

توڙي جو موجوده حڪمرانن جي ‘رخصتيءَ’ ۾ ڏهاڪو کن ڏينهن اڃا باقي آهن ۽ نظر ائين ٿو اچي ته اهي بک، بدحالي، بدامني، اغوا انڊسٽري ۽ رڪارڊ بدانتظامي نگرانن کي ورثي ۾ ڏئي، نگرانيءَ وارو دور گذاري وري اها امانت باسلامت، بنا ڪنهن خيانت جي واپس وٺڻ جي واعدي سان ويندا. هن وقت برساتن سبب ڪچي جو ڪجهه علائقو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي. ڌاڙيلن ماڻهو ڇڏڻ شروع ڪيا آهن. ظاهر آهي ته ڪيترائي ڌاڙيل محفوظ ٺڪاڻن ڏانهن منتقل ٿي چڪا هوندا، ۽ ‘آپريشن- آپريشن’ راند ۾ ماڻهن جي ڌيان کي مصروف رکي، پوليس طرفان کين ڪنهن وڏي آپريشن کان بچائي جيئدان ڏيڻ تي ضرور مسرور ۽ مشڪور هوندا. لڳي ائين ٿو ته نگران اهو چوماسو سڪون سان ڪڍي ويندا. دراصل نگران به ويندڙ حڪومت جو تسلسل هوندا آهي، اهي ڪا وڏي تبديلي آڻڻ جي نه اهليت رکندا آهن ۽ نه ئي وري انهن کي اهڙو ڪو اختيار ۽ مينڊيٽ هوندو آهي. اهي ايندا ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ آهن ۽ چونڊيل اڪثريتي پارٽيءَ کي اقتدار جي پُر امن منتقلي ڪري هليا ويندا آهن. نگرانيءَ واري مختصر عرصي لاءِ هنن کي جيڪا سنڌ ملندي، ان جي گهڻ رخي تباهي جو تدارڪ نگرانن کان ممڪن نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن اهڙي خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ گهرجي. هر اهڙي ڌر جيڪا گهڻو وقت اقتدار ۾ رهي هجي، اها نگرانن وارو مختصر عرصو، اقتدار جي جدائي ۽ فراق ۾ ڪاري پاڻيءَ جي سزا سمجهندي آهي، باقي عوام ڇا سمجهندو آهي، “اهو ڇڏ کڻي”.

هن وقت ته ماڻهن جي تحفظ واري ذميواريءَ مان رياست به هٿ ڪڍي وئي آهي ۽ دفاع جو وفاقي وزير ماڻهن کي هٿياربند ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهيو آهي. اسان اهو چوندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگرديءَ ۾ ملوث ڌرين ۽ برادرين کي بي هٿيار ڪيو وڃي، جو هٿيارن جو استعمال رتوڇاڻ لاءِ ٿئي ٿو، سماج ۾ انارڪي ۽ تشدد ڦهلجي ٿو. ٻارڙن جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم هجڻ بدران خواجا آصف هٿيار ڏيڻ جي صلاح ڏئي ٿو، اها صلاح ڪهڙي ‘خير خواهيءَ’ تي ٻڌل آهي؟ جڏهن عوام پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻي ته پوءِ رياست جو ڪم ئي ڪهڙو ٿو رهجي وڃي؟ عوام ٽيڪس ڏئي ٿو، رياست جي ذميواري عوام جو تحفظ آهي پر هٿيارن جي صلاح ڏئي ڇا سنڌ ۾ به حڪمران “وار لارڊز” پيدا ڪرڻ چاهين ٿا؟ امن ۽ آشتي سنڌ جي سڃاڻپ رهي آهي، ان کي اها سڃاڻپ موٽائي ڏني وڃي. سنڌ کي گهرو ويڙهه جي واٽ ڏانهن نه ڌڪيو وڃي. رياست کي گهرجي ته اها عوام جي تحفظ واري پنهنجي ذميواري اهڙي نموني سان پوري ڪري، جو ڪنهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار رکڻ جي ضرورت ئي پيش نه اچي.