خبردار! مهانگائي جو اصلي طوفان اڃان اڳيان آهي

0
162
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

لڳي نه ٿو ته ڪو ايندڙ ڏينهن ۾ عوام لاءِ ڪا ئي بهتري جي اميد آهي،اڃان خراب حالتن لاءِ عوام کي تيار رهڻ گهرجي. پر عوام ڪهڙي تياري ڪندو؟ جيڪو اڳ ئي مهانگائي جي بار ۾ ايترو دٻجي ويو آهي جو چوڻي وانگر ان جي ڄيلهه واقعي  ئي ڄٻي ٿي چڪي آهي، اهو سڌو ٿيڻ جي ئي قابل نه رهيو آهي، مهانگائي جي مار جي حالت جيڪڏهن موجوده  هجي ته به عوام شڪراني جا نفل پڙهي، پر هتي ته لڳي ٿو اڃان عوام کي نپوڙڻ جون وڌيڪ تياريون ٿي رهيون آهن.

عوام کي نپوڙي ان جو رت چوسڻ کانپوءِ هاڻي  ان جي هڏن مان ٽڙڪاٽ نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن  هڪڙي کل ۽ هڏا آهن جيڪي ساهه جي تند سنڀالي رڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪڏهن اڃان به انهي کي نپوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ساهه جي تند به ٽٽي پوندي پر ڇا ڪجي جو حڪمران وڌيڪ سختيون ۽ مهانگائي ڪرڻ جي چڪر ۾ نظر اچي رهيا آهن.

هر سال عوام کي انهي آسري ۾ رلايو ويو ته هاڻي ڏکيا ڏينهن گذري ويا آهن عوام جي زندگي ۾ بهتري اچڻ واري آهي ان تي گانا به ٺهي ويا ۽ وزيراعظم پروگرامن ۾ اهي گانا ٻڌي “اڇي دن آئي هين” مسڪرائيندو به رهيو پر اهي “اڇي دن ” رڳو گانن ۾ ئي هئا، باقي ته عملي طور ڪاري وارا ڪک آهن.

هاڻي وري ناڻي واري صلاحڪار بجلي پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ مهانگو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ڄڻ ته عوام کي اڳواٽ خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته “اڇي دن” اڃان ناهن اچڻا، ان لاءِ عوام کي ٻه سال ٻيا انتظار ڪرڻو پوندو. ناڻي واري صلاحڪار نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) 600 ارب ڪرڻ جو چيو، جيڪو مطالبو اسان نه مڃيو پر ڪجهه نه ڪجهه نمبرز ته طئي ڪرڻا هئا، جيڪي ڪيا آهن،

پي ڊي ايل وڌڻ سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ يقينن اضافو ٿيندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف جولاءِ تائين بجلي جي قيمت ۾ به 4 رپيا 95 پيسا اضافي لاءِ چيو، اسان بجلي قيمتن ۾ به رعايت ورتي آهي، اسان جي ڪوششن سان هاڻ سٺو معاهدو طئي ٿيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مشڪل هيون. هن چيو ته اسان گروٿ کي غيرمستحڪم ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان جي گروٿ سٺي آهي، منهنجي خيال ۾ گروٿ پنج سيڪڙو ٿيندي، ايڪسپورٽ ٽيڪ آف ڪري رهي آهي،

ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ اسان مسئلن مان نڪري وينداسين. هوڏانهن اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، اسان جو ڪم عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ عالمي قيمتون منهنجي ڪنٽرول ۾ ناهن.جيڪڏهن ناڻي جي وزير جي ڳالهين کي ڏسجي ته خبر پوي ٿي ته حڪمران سڀ هڪجهڙا هوندا آهن جيڪي عوام جي حقيقي مسئلن کان ئي اڻڄاڻ هوندا آهن.

جيڪڏهن “اٽو ناهي ڪيڪ کائو” واري ڳالهه کي ڏسجي ته هي به ڄڻ ته ساڳي ڳالهه ڪري رهيا آهن. آءِ ايم ايف 5 رپيا بجلي جو اگهه وڌائڻ جو چيو اسان رعايت ورتي آهي، اسان جي ڪوششن سان سٺو معاهدو ٿيو آهي.عوام اڳ ئي بجلي جا اگهه ڀرڻ کان لاچار آهي اڃان به اگهه وڌندا ۽ هي حڪمران وري ان کي سٺو معاهدو چئي رهيا آهن، جڏهن ته مهانگائي کي وري عالمي مسئلو قرار ڏئي رهيا آهن. حڪمران جڏهن پنهنجن شاهي خرچن لاءِ آءِ ايم ايف جون فرمائشون پوريون ڪندا ته مهانگائي جو بار ته عوام تي ڪرندو،

ان جو عالمي مسئلي سان ڪهڙو تعلق؟ جڏهن پنهنجي ملڪ جي معيشت تباهه ڪري جيڪا 4 جي گروٿ سان  هئي ان کي منفي تي پهچائي پوءِ عالمي مسئلو قرار ڏجي ته ان تي ڪير اعتبار ڪندو؟هڪ طرف حڪمران ڪورونا دوران معيشت کي سٺي نموني سنڀالڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ان کان پوءِ ٻيو ڪهڙو بحران آيو آهي جو معيشت سنڀالجي نه ٿي؟ ان جو سڌو مطلب ته حڪومت جون معاشي پاليسيون ۽ ترجيحون سڌي رستي تي ناهن.

اسان سمجهون ٿا ته جيستائين معيشت کي پنهنجي پيرن تي نه ٿو بيهارجي ۽ حڪمران پنهنجي شاهي خرچن کي قرض وٺي پورو ڪندا رهندا تيستائين اهو سڄو بار عوام جي ڪلهن تي ئي  هوندو جيڪو بار عوام کڻي کڻي ٿڪجي پيو آهي ۽ ملڪ اڳتي وڌڻ کان لاچار آهي. هاڻي حڪمرانن کي عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران پنهنجي شاهي خرچن  بابت سوچڻ گهرجي ۽انهن کي گهٽائڻ واري پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي نه ته عوام تنگ ٿي رستن تي هوندو.