حڪومت 215 ارب روپين جا ٽيڪس لڳائڻ تي راضي، ڊار جو اهم بيان

0
278
حڪومت 215 ارب روپين جا ٽيڪس لڳائڻ تي راضي، ڊار جو اهم بيان
حڪومت 215 ارب روپين جا ٽيڪس لڳائڻ تي راضي، ڊار جو اهم بيان

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين تحت حڪومت 215 ارب روپين جا ٽيڪس لڳائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، هاڻي ترميم ذريعي اهي ٽيڪس لڳايا ويندا

قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب دوران اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ يا پگهارن کي ڪو به ڪٽ نه هنيو ويندو، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو ته ٺيڪ آهي نه ته گذارو ته هونئن به ٿي رهيو آهي

اسحاق ڊار چيو ته اسان آءِ ايم ايف جي سمورن نقطن تي عمل ڪيو آهي، اسان نيڪ نيتي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون آهن

هن چيو  ته نون سڌارن تحت گريڊ 17 کان مٿي جي سرڪاري آفيسرز کي رڳو هڪڙي پينشن ملي سگهندي، هڪ کان وڌيڪ پينشنز جو سلسلو ختم ڪيو پيو وڃي

هن کي به پڙهندا

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ قرض پروگرام تي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل