حڪومت ڪراچي جي شهرين مٿان هڪ ٻيو بجلي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، بجلي 10 رپيا مهانگي

0
36

حڪومت  ڪراچي جي شهرين مٿان هڪ ٻيو بجلي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، بجلي 10 رپيا مهانگي، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

 نوٽيفڪيشن موجب بجلي 9 مهينن جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کان سيپٽمبر تائين واڌو اوڳاڙي ڪئي ويندي

واهپيدارن کي جون ۾ 2 رپيا 67 پئسا في يونٽ اضافي ڏيڻا پوندا، آگسٽ ۾ واهپيدارن کان 3 رپيا 22 پئسا في يونٽ اضافي ورتا ويندا

 واهپيدارن کي سيپٽمبر ۾ 99 پئسا في يونٽ اضافي ادائيگي ڪرڻي پوندي، نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائين واهپيدارن تي لاڳو نه هوندا، ڪي اليڪٽرڪ آڪٽوبر 2023ع کان مارچ 2024ع لاءِ درخواست ڏني هئي