حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ پ پ ۽ پي ڊي ايم اصولي فيصلو ڪيو آهي: سعيد غني

0
204
حڪومت خلاف بي اعتمادي

ٽنڊو محمد خان (ن پ ا) اطلاعت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران سرڪار جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ پ پ، پي ڊي ايم گڏيل مشاورت سان رٿ آڻڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي

ٽنڊو محمد خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران سرڪار ملڪ ۽ قوم لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن، تيل، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ آيل واڌ مهانگائي کي 100 سيڪڙو وڌائي ڇڏيو

هن چيو آهي ته  27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد تائين مارچ عمران خان جي وفاقي حڪومت لاءِ چيلينج آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري نه سگهندي ، ان هائوس تبديلي جا امڪان روشن آهن

هن چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ عمران خان جي وفاقي حڪومت پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺي آهي، اتحادين سندس ساٿ ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏيو، جيڪا سندس ناڪامي آهي، وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي ناڪامين کي تسليم ڪندي وزارت عظمى جي عهدي سان گڏ ڪابينا سميت وزارتن تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي

هن چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين سان پيش آيل واقعن جي اعليٰ سطح تي جاچ ڪرائڻ لاءِ تفصيل طلب ڪيا ويا آهن ۽ ملوث درندن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو

سعيد غني چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ پيش آيل واقعن سان سنڌ جي تعليم کي تمام گهڻو ڪاپاري نقصان ٿي رهيو آهي، اسان سميت ڪو به عزتدار پنهنجين نياڻين کي اهڙي ماحول ۾ تعليم ڏيڻ ۾ مناسب نه سمجهندو، شاگرد يونين جي تعليمي ادارن ۾ بحالي وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو جمهوريت جو حصو آهي